واشنگٽن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران جاري رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته قانوني واپار جي آڙ ۾ پاڪستان مان هر سال 10 ارب ڊالرن جي مني لانڊرنگ ڪئي ويندي آهي، آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل ”انٽرنيشنل نارڪوٽڪس ڪنٽرول اسٽريٽجي رپورٽ“ ۾ چيو ويو آهي ته ظاهري طور قانوني واپار جي آڙ ۾ ڪارو ناڻو اڇو ڪرڻ جو عمل (ٽي بي ايم ايل) ان وقت منشيات وڪرو ڪندڙ، ڏوهاري ماڻهو ۽ دهشتگردن جي لاءِ سيڙپڪاري جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ڇو ته ان سان هڪ ملڪ جي دولت ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ غير قانوني طور منتقل ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي ڪري ملڪن جي معيشت کي به سخت نقصان کڻڻو پوندو آهي، مني لانڊرنگ جي معمالي ۾ ڀارت چوٿين نمبر تي آهي جنهن جي معيشيت کي هر سال ان نوعيت جي مني لانڊرنگ جي ڪري 51 ارب ڊالرن کان وڌيڪ کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، پاڪستاني معيشيت به واپار جي آڙ ۾ ٿيندڙ مني لانڊرنگ جي خراب اثرن کان بچيل ناهي جنهن کي هر سال 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيندو آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي رپورٽ موجب ٽي بي ايم ايل جي ڪري چيني معيشيت کي 139 ارب ڊالر، روسي معيشيت کي 104 ارب ڊالر ۽ ميڪسيڪو جي معيشيت کي 52.8 ارب ڊالر سالياني کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.36