ڪراچي (اين اين آءِ) پوليس شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي ڇهن پرڏيهين سميت 20 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي تفصيل موجب پوليس جمشيد ڪوارٽر ۾ ڪارروائي ڪندي جوابدار محمد طاهر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو آهي پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار منشيات فروش ۽ پيشي جي حساب سان ڏوهاري آهي فيروز آباد پوليس جي سنڌي مسلم سوسائٽي کان هڪ جوابدار عرفان حسين کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پريڊي ٿاڻي جي حدن مان ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي برگيڊ پوليس اسٽريٽ ڪرمنل سيد ڪاشف کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيو آهي بوٽ بيسن پوليس ڪارروائي دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي. اورنگي ٽائون ۾ اقبال مارڪيٽ پوليس غير قانوني ڪوس گهرن تي ڇاپو هڻي ٽن ڪاسائين محمد اڪرم، رحيم ۽ محمد فيضان کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان گڏيل طور تي 27 ڪلو گوشت هٿ ڪري ورتو. فيئر پوليس ڪارروائي ڪري 4 افغاني رهاڪن کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته الفلاح پوليس به ملت ڪالوني ۾ ڇاپو هڻي ٻن افغانين کي حراست ۾ ورتو آهي نيو ٽائون ۽ گلبهار ٿاڻن جي پوليس به مختلف ڪارروائين دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.