هلندڙ سال فيبروري جي مهيني تائين سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي جي رپورٽ آءِ جي سنڌ کي پيش

March 6, 2017 at 5:22 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (اين اين آءِ)سنڌ پوليس جي ترجمان موجب اي آءِ جي آپريشنز شيراز نذير سنڌ پوليس جي هلندڙ سال 28 فيبروري تائين ٻڌل ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته آپريشنل ۽ انويسٽيگيشن پوليس جي ڏوهن جي خلاف موثر قدمن سبب سڄي سنڌ ۾ مختلف ٿاڻن جي حد ۾ ڏوهارين دهشتگردن ڌاڙيلن سان گڏيل طور تي 143 پوليس مقابلا ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ 1861 ڏوهاري گرفتار جڏهن ته 24 دهشتگرد 2 ڦورو سميت گڏيل طور تي 84 ڏوهاري ماريا ويا اهڙي طرح 38 دهشتگرد 2 اغوا ڪندڙ 24 ٽارگيٽ ڪلر 9 ڀتا خور 167 ڦورن جي گرفتاري سان گڏوگڏ هٿيارن جي ايڪٽ تحت 787 ۽ منشيات جي ايڪٽ تحت 834 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو رپورٽ موجب فوت ٿيندڙ ۽ گرفتار جوابدار جي قبضي مان 39 ايس ايم جيز ڪلاشنڪوف 12 شارٽ گن، 24 رائفلون، 1005 پسٽل جڏهن ته 51 هيند گرنيڊ هٿ ڪيا هن ٻڌايو ته هلندڙ سال 28 فيبروري تائين نيشنل ايڪشن پلان تي سڄي صوبي ۾ عملدرآمد تحت 3717 غير قانوني پرڏيهين کي گڏيل طور تي 2080 ڪيسن جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي هٿيار ايڪٽ جي 21787 ڪيسن ۾ 20541، وال چاڪنگ جي 347 ڪيسن ۾ 130 جڏهن ته ٽيمپلري ريزيڊنٽس ايڪٽ ۾ 1136 ڪيسن ۾ خلاف ورزيون ڪندڙ 1846 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هن ٻڌايو ته هلندڙ سال 28 فيبروري تائين نيشنل ايڪشن پلان تي ڪراچي جي ٽنهي پوليس زونز ۾ عملدرآمد تحت 2759 پرڏيهين کي گڏيل طور تي 1647 ڪيسن جي تحت گرفتار ڪيو. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪارڪردگي رپورٽ جو جائزو وٺندي پوليس کي هدايت جاري ڪئي ته سال 2017 جي حوالي سان تيار ڪيل گڏيل ۽ مضبوط قدمن تي ٻڌل سيڪيورٽِ پلان تحت خاص طور تي ڏوهن جي خلاف پوليس حڪمت عملي ۽ لائحه عمل کي وڌيڪ موثر ۽ فول پروف بڻايو وڃي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي غير معمولي بڻائي سگهجي.

اي پيپر