اسلام آباد(بيورو) پاڪستان ۾ مقرر افغان سفير عمر زخيل وال چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني اختيارين پاڪ افغان سرحد نه کولي ته افغان حڪومت کي پاڪستان ۾ موجود شهرين جي واپسي لاءِ چارٽر جهاز موڪلڻ جي درخواست ڪندس، عمر زخيل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ افغانستان سرڪار جي ڪوتاهن تي پردو وجهندي چيو ته پاڪڏافغان ڪاروباري ۽ سفري رستن تي بندش وجهڻ سان عام شهرين کي تڪليف پهچي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڦاٿل افغان شهرين ۾ گهڻو تعداد غريب ماڻهن جو آهي، جيڪي علاج ۽ ٻين ڪمن جي ڪري پاڪستان ويا هئا، پر سرحد جي بندش سبب اڍائي هزار افغاني پنهنجي گهرن طرف نه پهچي سگهيا آهن، جن جا وارث انهن جي انتظار ۾ آهن ۽ سخت پريشان به آهن، جڏهن ته اهڙي عمل سان ڪاروباري سرگرمين کي به وڏو ڌڪ رسيو آهي، عمرزخيل جو چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد بند ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستاني سول ۽ عسڪري قيادت سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پر هن وقت تائين عمل ناهي ڪيو ويو.