سنڌ بچايو لانگ مارچ منزل طرف روانو،وک وک تي استقبال، اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين لاڳيتو هلندڙ 22 سنڌياڻين جا پير ڦٽجي پيا

ملير(رپورٽر ) سنڌ بچايو لانگ مارچ گلشن حديد کان منزل طرف روانو، قومي شاهراهه تي پپري، اسٽيل مل، نشتر آباد، پورٽ قاسم موڙ، رزاق آباد، قائد آباد ۽ عمر مارئي ڳوٺ ۾ وک وک تي آجيان. گلن جي ورکا، پانڌيئڙا پرجوش اسلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين لاڳيتو هلندڙ 22 سنڌياڻين جا پير ڦٽجي پيا، ڪراچي شهر ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن تي لانگ مارچ ڪندي سر فخر سان بلند آهن. اقتدار ڌڻي نه سمجهن ته ڌرتي ڌڻي پنهنجن وسيلن جي ڦرجڻ تي خاموش آهن. 8 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب پهچي پنهنجو واعدا ۽ وچن پورا ڪنداسين. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن غلام نبي کوسو ۽ وسند ٿري جا مختلف جڳهن تي خطاب. تفصيل موجب عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي قومي معاشي، ثقافتي ۽ بنيادي حقن تي ٻڌل مطالبن جي مڃتا لاءِ هلندڙ سنڌ بچايو لانگ مارچ گذريل ڏينهن ڪراچي جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ رات گلشن حديد ۾ رهي ڪالهه صبح جو اڳئين منزل عمر ماروي ڳوٺ قائد آباد ڏانهن روانو ٿيو. مارچ جي اڳواڻ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام نبي کوسو، جنرل سيڪريٽري وسند ٿري، سنڌي مزدور تحريڪ جو اڳواڻ عارف جوڻيجو، ستار چانڊيو، سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر انور رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر شمشاد لغاري، مريم گوپانگ، سبياڻي برهماڻي، شميم ڪلوئي، ڪراچي ڊويزن جي صدر منان شيخ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. قافلي ۾ اسلام ڪوٽ کان مسلسل هلندڙ 20 کان وڌيڪ سنڌياڻيون شريڪ هيون جن جا پير ڦٽيل هئا پر سندن حوصلا بلند هئا. قافلو جيئن ئي قومي شاهراهه تي پهتو ته پپري وٽ وڏي تعداد ۾ مقامي رهواسين عزيز لانگاهه، عباس ملاڻو، مصري بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ پهتل ماڻهن قافلي جي آجيان ڪئي ۽ مٿن گلن جي ورکا ڪندي قافلي ۾ شامل ٿي ويا. سنڌ بچايو جا نعرا بلند ڪندي لانگ مارچ اسٽيل ٽائون، اسٽيل مل موڙ، وائرليس گيٽ، پورٽ قاسم کان ٿيندو رزاق آباد پهتو ته اتي ڪراچي انڊيجينئس رائٽس الائنس جي اڳواڻن خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي غلام رسول بلوچ، حمزو پنهور، هارون شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن قافلي جي شاندار آجيان ڪئي. جڏهن ته ترقي پسند پارٽي جي شهزادو مستوئي، ناري تحريڪ جي مسڪان مستوئي ۽ ٻين پڻ استقبال ڪيو. قافلو مانجهاندو رزاق آباد ۾ ڪري، اڳتي وڌيان ته ڀينس ڪالوني موڙ تي ساجد گوريلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين رهواسين استقبال ڪيو. قافلو جڏهن عمر ماروي ڳوٺ قائد آباد پهتو جتي رهواسين وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي قافلي جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي پپري، رزاق آباد، ڀينس ڪالوني ۽ عمر ماروي ڳوٺ ۾ ڏنل آجياڻي ميڙن کي خطاب ڪندي مرڪزي صدر غلام نبي کوسو چيو ته لانگ مارچ سنڌ جي بنيادي حقن تي ٻڌل مطالبا کڻي ڪاميابي سان پنهنجي منزل طرف وڌي رهيو آهي. سنڌ جي دل ڪراچي ۾ هزارين ماڻهن جو هي مارچ جڏهن پنهنجي حقن جو آواز بلند ڪندي قدم قدم سان ملائي اڳتي وڌي رهيو آهي. تڏهن پنهنجي جدوجهد تي وڌيڪ ويساهه پختو ٿئي ٿو. هن چيو ته اقتدار ڌڻين جي هن کان وڏي ويساهه گهاتي ڪهڙي ٿيندي ته صدين کان آباد ماڻهن جي زمين مان جڏهن تيل گيس ۽ ڪوئلو نڪري ته کين حصو پتي ڏيڻ بدران کين بيدخل ڪري لادعوا ڪرڻ لاءِ سازشون ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪجي. هن چيو ته اقتدار جي ٻرن ۾ لڪيل غدار ۽ بزدل وڏيرا متان سمجهن ته ڌرتي ڌڻي پنهنجي حقن کان اڻواقف آهن. جيڪي ماڻهو پيرين پنڌ اذيتون صحي گهرن کان ٻاهر نڪري حقن جو آواز بلند ڪن ٿا سي پنهنجن حقن وٺڻ کانسواءِ ڪڏهن به گهر واپس نه ويندا. هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب پهچي 8 مارچ تي لکين سنڌي گڏ ڪري حڪمرانن کي چتاءُ ڏينداسين ته هو هوش کان ڪم وٺن. ڌوڪي ووٽ وٺي هاڻ وڌيڪ اقتدار کي ڊيگهه نه ٿي ڏئي سگهجي. مرڪزي جنرل سيڪريٽري وسند ٿري چيو ته سنڌ جي ڌرتي ڌڻين سنڌي ڀيل ۽ ڪولهين کي انسان ئي نه ٿو سمجهيو وڃي اهي ئي سنڌي ڌرتي جي بقا لاءِ اڄ لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪري رهيا آهن. ايترو ظلم ڪريو جيترو سڀاڻي برداشت ڪري سگهو. هن اعلان ڪيو ته عوامي تحريڪ ڪالا باغ ڊيم خلاف تحريڪ هلائي ڊيم کي دفن ڪرايو. اهڙي طرح هي ماڻهو ٿر دشمن گوڙاڻو ڊيم کي به دفن ڪري ڇڏيندا. ڪراچي جي نامياري سماجي اڳواڻ خداڏنو شاهه چيو ته ڪراچي جا سنڌي ماڻهو تمام گهڻو ڏکويل آهن. کين اقتدار ڌڻين مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. سندن زمينون قبضا مافيا هٿان زوري ڦٻايون پيون وڃن. موجوده حڪمران غدار آهن جن خلاف اهڙا لانگ مارچ سندن عبرتناڪ پڄاڻي جو سبب بڻبا. ان موقعي تي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر عارف جوڻيجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مريم گوپانگ، سبياڻي برهماڻي، شميم ڪلوئي، ڪراچي ڊويزن جي صدر منان شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.لانگ مارچ جا پانڌيئڙا رات عمر ماروي ڳوٺ ۾ رهڻ بعد اڄ سومر ڏينهن اڳئين منزل ڏانهن روانا ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *