پ پ پ جي مضبوطي ۽ مقبوليت

March 5, 2017 at 8:13 pm

عبدالمجيد بروهي
پ پ پ پاڪستان جي اها واحد عوامي جماعت آهي جنهن کي دشمنن پاران وڏا وڏا زخم ڏنا ويا پ پ پ کي عوام جي دلين مان ڪڏنهن جي لاء ڪيترا ئي حربا هلايا ويا ڪجھ پنهنجن ماڻهن به پ پ پ جي قيادت سان بيوفائي ڪري پ پ پ جي پٺيء ۾ ڇرو هنيو ويو پ پ پ جي دشمنن جي هر چال ۽ حربن باوجود پ پ پ سان چاهه وفا کي هو پاڪستان جي عوام جي دلين مان ڪڍي نه سگھيا ڪجھ پلن جي لاء پ پ پ جي پ پ پ جي دشمنن خوشيون ملهايون جڏنهن هن ملڪ جي عوام جي دشمنن ۽ انسانيت جي دشمنن پاران شهيد راڻي کي شهيد ڪيو ته ان وقت دشمن اهو راڳ ڳائيندا رهيا ته هاڻي پ پ پ ختم ٿي وئي هاڻي پ پ پ کي سنڀالڻ وارو ڪيربه ناهي پر دنيا شاهد آهي ته پ پ پ کي مرد مجاھد آصف علي زرداري ڪهڙي طريقي سان پنهنجن پيرن تي بيهاريو پنهنجي قائدين جي محنت ۽ ڪوششن جي ڪري سياسي صلاحتن جي ڪري پ پ پ هن وقت مضبوط ترين جماٿت بڻجي وئي آهي اڄ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گلگت بلتستان ڪي پي ڪي بلوچستان پنجاب ۽ سنڌ جا اهم اڳواڻ جيڪي پنهنجن پارٽين ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪندڙ هئا اهي اڄ پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪا آهن ايم ڪيو ايم جا سڀني ڌڙن جا اهم اڳواڻ يونٽ انچارج پڻ پ پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن پ پ پ جو اڳوڻو اڳواڻ جيڪو ڪجھ سببن جي ڪري پ پ پ کان ناراض ٿي ايم ڪيو ايم ۾ ويو هيو اهو اڳواڻ سردار نبيل گبول پنهنجيون سموريون ناراضگيون ختم ڪري پنهنجي سوين ساٿين سميت پ پ پ ۾ واپس اچي چڪو آهي ان کان علاوه پنجاب جا اهم اڳواڻ جيڪي پي ٽي آء سان واسطو رکندڙ آهن اهي پڻ پ پ پ ۾ اچي چڪا آهن پي ٽي سنڌ جو اڳوڻو صدر سردار نادر اڪمل لغاري پڻ پي ٽي آء کي الوداع ڪري پ پ پ ۾ شامل ٿي چڪو آهي ان کان علاوه سنڌ ۾ وڏو ووٽ بئنڪ رکندڙ سردار خالد احمد لنڊ صاحب پڻ پنهنجي پارٽي پ پ پ ۾ واپس اچي چڪو آهي پي ٽي آء سنڌ جي نائب صدر جيڪو ڪراچي جو رهاڪو آهي اهو پڻ پ پ پ جوائن ڪري ورتي آهي پ پ پ ۾ ڌڙا ڌڙ وڏن نوڏن عوامي اڳواڻن جي شامل ٿيڻ سان اهو صاف ظاهر آهي ٿي چڪو آهي ته پ پ پ کانسواء ڪابه ٻئي پارٽي ملڪ جي چئني صوبن ۾ موجود ناهي پ پ پ ۾ اهي اڳواڻ پڻ شامل ٿي رهيا آهن جيڪي وفاق جي سياست کان نفرت ڪندا هئا ان سلسلي ۾ سپاف سنڌ جي اڳواڻ رزاق بروهي جي قيادت ۾ ۽ سپاف اڳواڻ رزاق بروهي جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان سوين قومي ڪارڪنن پاران پ پ پ سنڌ جي صوبائي صدر محترم نثار احمد کهڙو جي موجودگي ۾ پنهنجيون پنهنجيون پارٽيون ڇڏي پ پ پ ۾ اعلان ڪري چڪا آهن هن وقت پ پ پ مضبوط ٽريڪ تي گامزن آهي پ پ پ ۾ ڌرا ڌڙ عوامي اڳواڻن جي شامل ٿيڻ بعد پ پ پ مخالف وائڙا ٿي ويا آهن آهن
هن وقت پ پ پ پاران سنڌ جي ڊويزن ۽ ضلعن جي عهديدارن جا نالا فائنل ڪري نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا آهن جنهن حساب سان عهدا ڏنا ويا آهن ان مان صاف ظاهر آهي ته پ پ پ ۾ هر ننڍي ۽ وڏي ڪارڪن کي هڪ جيتري اهميت ڏني ويندي آهي لاڙڪاڻو ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري سميت ضلع لاڙڪاڻو جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري انفارميشن سيڪريٽري ۽ ضلع قمبر ۾ به ڪارڪنن کي اهيمت ڏني وئي آهي ضلع قمبر جي جنرل سيڪريٽري لاء محمد پنهل سومرو ۽ انفارميشن سيڪريٽري لاء ڊاڪٽر نياز حسين چانڊيو کي مقرر ڪيو ويو آهي جيڪي جيالا آهن ۽ عام ڪارڪن آهن اهڙي طرح لاڙڪاڻي ڊويزن جي جنرل جو عهديدار اعجاز خان بروهي پڻ هڪ جيالو ۽ ورڪر آهي جيڪي هر ڏکيائن کي منهن ڏيندي پ پ پ سان هر دور ۾ ساٿ نڀائيندا رهيا آهن هي سڀ اهي جيالا آهن جيڪي هيٺين سطح کان سياست شروع ڪري پ پ پ وفا ڪندا رهيا آهن اڄ پ پ قيادت انهن ننڍن ڪارڪن جي محنت جو مان رکي انهن کي عهدا ڏئي پ پ پ قيادت جيالن جون دليون کٽي ورتيون آهن هن وقت سنڌ صوبي جي هر ڪارڪن ۾ اميد جاڳي پئي آهي ته جهڙي طريقي سان ڊويزن ۽ ضلعن جي عهدن تي عام ڪارڪنن کي اهيت ڏئي انهن کي عهدا ڏنا ويا آهن اهڙي ئي طريقي سان تعلقن ۽ سٽيز جي عهدن تي به ميرٽ جي حساب سان جيالن کي اهميت ڏني ويندي پ پ پ قيادت جي فيصلن بعد پ پ پ جي جيالن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي پ پ پ جي ڪيل فيصلن جي حمايت ۾ سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ جشن ملهايا پيا وڃن پ پ پ قيادت جي فيصلن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو پيو وڃي
Brohimajeed123@gmail.com

اي پيپر