آر سي ڊي کان سي پيڪ تائين

March 5, 2017 at 8:12 pm

مير اعظم علي ٽالپر
عجيب اتفاق سان گذريل هفتو هن ڪوڙي دنيا مان موڪلائي ويلن جي تعزيت ڪرڻ ۾ گذريو آهي، جن ۾ جهوني فنڪار شهباز دراني جي گهرواري جو لاڏاڻو، ان کانپوءِ حڪمت جي دنيا جي مشهور شخصيت ۽ عبرت جي ليکڪ حڪيم نظير شيخ جي گهرواري جي رحلت تي سائين مٺل جسڪاڻي سان گڏ تعزيت ڪرڻ، ان کانسواءِ آسٽريليا جي رياست تسمانيه جيڪا دنيا جي آخري ڇيڙي تي آهي ۽ ان جي مشهور شهر سڊني ۾ رهندڙ دانش ٽالپر جو والد ۽ ٽنڊومحمدخان جي پيپلزپارٽي جي اهم شخصيت مير علي رضا ٽالپر جو سؤٽ ۽ راقم جو ويجهو عزيز مير رياض حسين ٽالپر سنڌ جي بدنام زمانه مرض ڪاري ڪامڻ سبب گذاري ويو. (ياد رهي ته تازو جنوري ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ مئچ سڊني جي يادگار ميدان تي مير رياض حسين ٽالپر ۽ دانش گڏ ڏٺي هئي). جڏهن ته گذريل هفتي ويندي ويندي هڪ ٻيو ڏک اهو ڏنو ته ٽنڊومحمدخان جي معزز استاد ۽ راقم جي سالي فاروق اعظم ٽالپر جي گهر واري دل جي دوري سبب هي فاني جهان ڇڏي وئي. مطلب ته گذريل سڄو هفتو ائين ڪوڙي دنيا مان موڪلائي ويلن جي حوالي سان گذريو ۽ راقم به ”دارالفنا مان، دارالبقا“ طرف ويندڙن لاءِ دعا گهرندو رهيو، الله کين جنت نصيب ڪري ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي (آمين).
هن ڪوڙي دنيا جي ڪوڙي قصي ۽ صبر تان ياد آيو ته اسان سڀني کي خبر آهي ته هي جهان ائين ڪوڙ تي هلڻو آهي ۽ صبر ڪرڻو آهي، ان جي باوجود به ’ڪوڙ ۽ صبر‘ دنيا ۾ گڏ هلن ته ڪاش ڪيڏو نه بهتر ٿئي، پر ان ڳالهه تان ياد آيو ته تازو وفاقي ڪابينا دير آيس درست آيس جي مثالي فيصلي مطابق اعلان ڪندي سرتاج عزيز (هڪ زناني اخباري ڌيان طلب اشتهار جيان ته ”نه ڪنهن مون کي ورغلايو آهي نه چوريو آهي، آئون هوش حواس ۾ ٽن ڪپڙن ۾ گهران نڪري هي بيان ڏئي رهي آهيان“) جيان چيو ته (مرحوم بدر منير جي پشتو فلم) ’علائقه غير‘ وارا علائقه هاڻ پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ اٿارٽي بدران ايندڙ پنجن سالن اندر صوبي ڪي پي ڪي ۾ شامل ٿي ويندا. اهو بيان ڪجهه ليڊرن ٻڌي ”راشا، راشا ڪندي پخي راڳ لي“ چيو ته ڪن وري اردو پهاڪو ٻڌايو ته ”ڪون جيتا هي تيري زُلف ڪي سحر هوني تڪ، هم خاڪ هو جائينگي صبح هوني تڪ“ مطلب ته پنج سال هڪ ڊگهو وقت آهي، پنجابي مثال جيان ڪم ”چَٽ مڱڻي پَٽَ بِها“ ٿيڻ گهرجي ها، ڇو ته پنجن سالن ۾ ڪير جيئي ڪير مري خير آئينده ڪهڙا حڪمران ۽ حالتون هجن، عمل ٿئي يا نه ٿئي، پر هن بيان کانپوءِ سڀ کان پهرين ۽ تڪڙو بيان خانگي ٽي وي نيوز جي چئنلن وانگر ’سب سي پهلي‘ هرهڪ حڪومت ۾ ۽ هرهڪ حڪمران سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ واري مولانا فضل الرحمان سخت اعتراض ڪيو آهي، جڏهن ته ان علائقي جا رهواسي جشن ملهائي رهيا آهن.
مولانا فضل الرحمان کي خبر آهي ته هي ڪوڙي دنيا آهي ۽ ان جي چَمڪَ ڌمڪَ رنگ روشنيون سڀ ڪُوڙيون آهن، ان ڪري صبرن جميلن بهتر آهي، پر مولانا کي اعتراض ڇو آهي؟ اها خبر نه آهي، ٻاراڻي دور ۾ هڪ راند هوندي هئي ”ڦر، ڦر سُونٽو“ جنهن ۾ ڪجهه ٻار هڪ گُول دائري ۾ ويهندا هئا، جنهن کي پَڙ سڏبو هو ۽ هڪڙو ٻار اکيون پُوري هٿ ۾ ٽوال يا پوتڙي کي وٽي سٽي ڪپڙا ڌوئڻ واري سونٽي جهڙو ڪري ڦرائيندو هو ۽ چوندو هو ”ڦر، ڦر سونٽو“ ۽ ٻيا سڀ ٻار هڪ ئي آواز ۾ زور سان چوندا هئا ”دَٻلي ٿي ڇڻڪي“ ۽ ان کانپوءِ سُونٽي وارو ٻار اکيون بند هوندي زور سان ڪنهن ويٺل ٻار کي اهو ڪپڙي وارو سونٽو واهي ڪڍندو هو ته اهو ٻار ڌڪ لڳڻ کانپوءِ راند مان آئوٽ ٿي ويندو هو. اڄڪلهه سنڌ ۾ به اها ڦر ڦر سونٽو، دٻلي ٿي ڇڻڪي واري راند سياسي ٻارڙا ڏاڍي شوق سان کيڏي رهيا آهن ۽ خيال آهي ته ان دٻلي ۾ يا پڙ ۾ ويٺل سڀ سياسي ٻار ڏاڍا باغ بهار آهن ته اها دٻلي جڏهن 2018ع ۾ کلندي ته هرطرف وتائي فقير وانگر آئون ئي آئون هوندس، سَيون کائڻ وقت امان به ڪا نه هوندي، البته ڪجهه ٻار سوُنٽو لڳڻ جي ڊپ کان دٻلي ۾ گهڙي رهيا آهن ته ڪي خود به خود وڃي رهيا آهن، پر دٻلي ڄاڻي سونٽو ڄاڻي، ان ۾ ٻين جو ڇا ويو. البته سياسي ٻارن جو خيال آهي ته سندن لاعلاج مرض ۽ اها ”معجون اڪسير“ واري دٻلي واحد علاج آهي. جيتوڻيڪ اها مهانگي ضرور آهي پر فائدي واري آهي. مون وارو يار مولڻ موالي به عجيب طبيعت جو مالڪ آهي، حالانڪه موالين ويچارن تي ڪا به ميار نه آهي. تازو ملڻ تي سوال ڪيائين ته ميان اٺ ڪتابن جا پڙهيو ويٺو آهين ۽ روز بڪ اسٽال تي ٽنگيو بيٺو اخبارون پڙهين، ٻڌائي ته اڄڪلهه ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اهم مسئلو ڪهڙو آهي ۽ ان جو حل ڇا آهي؟
راقم ڪشته دماغ استعمال ڪندي چيو ’تعليم‘ اهو ٻڌي موالي چيو ’نه‘ اهو خانگي اسڪولن جو خانگي مسئلو هو سو به حل ٿي ويو، ان کانپوءِ عقل جي ڊوڙ ڪري جواب ڏنم ’صحت‘ موالي چيو غلط اهو به مسئلو حل ڪيو ويو آهي. ان بعد سوچي سوچي چيم ’بجلي‘ موالي ڪاوڙ مان چيو اهو سولر انرجي ختم ڪري ڇڏيو، آخرڪار ميرن واري عقل موجب چيم پڪ ’صاف پاڻي‘ وڏو ۽ اهم مسئلو هوندو، پر موالي وري به انڪار ڪندي چيو ته صاف پاڻي جو مسئلو قانون جي مسئلن وانگر ڪورٽون ۽ جج حل ڪري رهيا آهن، اهو ٻڌي پريشان ٿي خيال آيو ته ”تو وارو حقو پاڻي ۽ ان جا دڪان“ اهو ٻڌي چيائين دڪان کليا پيا آهن، جيڪو جنهن کي وڻي سو وٺي نيٺ توبهه ڪري پڇيم ته يار تون ئي کڻي ٻڌائي ته ملڪ جو اهم ۽ وڏو مسئلو ۽ ان جو حل ڇا آهي؟ موالي ڏاهپ کي ليڪ ڏئي چيو ’سي پيڪ‘ وڏو مسئلو آهي ۽ ان جو حل به سي پيڪ آهي، سڀني جي درد جو دارون آهي، ان تي راقم کي ماضي ۾ ذوالفقار ڀٽو، شهنشاههِ ايران رضا محمد پهلوي ۽ ترڪي جي صدر جو پاڪستان، ايران ۽ ترڪي وارو آر سي ڊي (تعاون براءِ ترقي) معاهدو ياد اچي ويو، جيڪو اڄڪلهه ڪنهن کي به ياد نه آهي.

اي پيپر