فوجي عدالتن جي مُدي ۾ واڌ بابت ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس!

March 5, 2017 at 8:11 pm

2014 جي ڊسمبر ڌاري پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کان پوءِ دهشتگردن خلاف سخت آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو ۽ دهشتگردن کي سزائون ڏيڻ لاءِ فوجي عدالتن جي قيام جي ڳالهه ڪئي وئي. تڏهن مُلڪ ۾ مجموعي صورتحال انتهائي جذباتي هُئي، معصوم شاگردن جي قتلِ عام تي هر اک آلي هُئي، جنهن ڪري مُلڪ جون سڀئي سياسي پارٽيون ٿوري گهڻي صلاح مشوري کان پوءِ فوجي عدالتن جي قيام تي راضي ٿي ويون ۽ اِئين 21 هين ترميم ڪري مُلڪ ۾ 7 جنوري 2015 ڌاري ٻن سالن لاءِ فوجي عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويو. اُنهن عدالتن جي جوڙجڪ اِن لاءِ به ضروري سمجهي وئي جو دهشتگرد عام عدالتن ۾ اڻپورن ثبوتن ڪري سزائن کان گهڻي ڀاڱي بچي ٿي ويا. اِهو اِن لاءِ به هو جو ڪو به ماڻهو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي دهشتگردن خلاف شاهديون ڏيڻ جو ساهس نه ٿي ساريو ۽ اِئين دهشتگردن پُڇاڻي کان بچي ٿي ويا، پر پشاور سانحي کان پوءِ سياسي توڙي عسڪري قيادت اِهو فيصلو ڪري ورتو ته هاڻي دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. ۽ اِئين ڪيترن ئي دهشتگردن کي فوجي عدالتن پاران سزائون ٻڌايون ويون. پر جيئن ته اُنهن عدالتن جو مُدو 2 سال هو، جيڪو هلندڙ سال جي 7 جنوريءَ تي پُڄاڻيءَ کي پهتو. جنهن بعد عسڪري قيادت پاران عدالتن جي مُدي ۾ ٻيهر واڌ جو مشورو ڏنو ويو، پر سول سرڪار اُن معاملي تي اڃا متفق ئي نه ٿي هُئي ته هڪ ڀيرو ٻيهر مُلڪ ۾ دهشتگرديءَ جي لهر ڇانئجي وئي ۽ لاڳيتو ٻن هفتن دوران پشاور، ڪوئيٽا، لاهور ۽ لعل قلندر جي درگاهه کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته سون جي تعداد ۾ اڃا به زخمي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.
اِها صورتحال اهڙي هُئي، جنهن کان فوجي عدالتن جي مُدي ۾ واڌ جي ضرورت کي تهائين وڌيڪ محسوس ڪيو ويو ۽ اُن لاءِ گذريل ڪافي ڏينهن کان ڌُريون صلاح مصلحت وارن مرحلن ۾ مشغول آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ڪالهه يعني ڇنڇر واري ڏينهن پي پي پي، آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي هُئي ته جيئن مخالف ڌر جون پارٽيون گڏيل طور فيصلو ڪن ته فوجي عدالتن جي مُدي ۾ واڌ ڪجي ته ڪهڙي بنياد تي. انهيءَ اجلاس جي حوالي سان جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن، تن پٽاندر هيستائين ڪو به حتمي فيصلو سامهون نه اچي سگهيو آهي، جنهن لاءِ پي پي پي جي چيئرمين بلاول ڀُتو زرداري جو چوڻ هو ته فوجي عدالتن جي مُدي ۾ واڌ متعلق وڪيلن سان قانوني صلاح مشورن کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي مخالف آهي، پر جيڪڏهن فوجي عدالتن جي بحالي ضروري ٿي ته پي پي پنهنجا تحفظات ختم ڪرڻ جي لاءِ متبادل بل پيش ڪندي. پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جو چوڻ هو ته اي پي سي جو مقصد فوجي عدالتن جي معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آهي. اسان چاهيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ فوجي عدالتن تي اسان سڀ گڏيل موقف پيش ڪريو، جيڪڏهن اسان کي پارليامينٽ ۾ عليحده يا گڏيل موقف ڏيڻو آهي ته به اُن جو فيصلو هينئر ئي ٿيڻ گهرجي. سندس اِهو به چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سياسي اڳواڻن جي فيصلي جي تائيد ڪندي، فوجي عدالتن متعلق حتمي فيصلو سڀني جي صلاح سان ٿيڻ گهرجي.
پيپلز پارٽيءَ پاران ڪوٺايل اِنهيءَ ڪانفرنس ۾ تحريڪ انصاف ۽ متحده ميمبرن کان علاوه شيخ رشيد، آفتاب شيرپائو ۽ مولانا فضل الرحمان شريڪ ٿيا. انهيءَ ڪانفرنس جي حوالي سان جيڪي حوال ميڊيا ذريعي عوام تائين پهتا، تن جو نچوڙ اِهوئي هو ته ڪانفرنس ۾ ڪو به فيصلو سامهون اچي نه سگهيو ۽ معاملي، وڪيلن سان صلاح مشوري تي ڇيهه ڪيو.
اسان جي نظر ۾ ڪنهن به معاملي تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس هڪ نهايت چڱو عمل آهي، اُن ۾ فيصلو ٿئي ٿو يا نه، اُها بعد جي ڳالهه آهي، پر اهڙي قسم جي روايت جمهوري قدرن کي هٿي وٺرائي ٿي. ڪنهن به مامري تي جڏهن اتفاق راءِ قائم ڪيو ويندو آهي ته اُن جا نتيجا به مثبت سامهون ايندا آهن، پر جيڪڏهن ڌُرين کي نظرانداز ڪندي زوري فيصلا مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته پوءِ اُنهن جو لاڀ ڪو چڱو ناهي نڪرندو. تنهن ڪري اسين انهيءَ ڪوشش کي ساراهيون ٿا. جيستائين ڪو حتمي فيصلو سامهون نه اچڻ واري ڳالهه آهي ته اسين سمجهون ٿا، اِئين هرگز نه هوندو، ضرور ڪي صلاح مشورا سامهون آيا هوندا، ڌُرين پنهنجا تحفظات پيش ڪيا هوندا، جنهن بابت وڪيلن سان صلاح مشوري کي ضروري ڄاڻايو ويو. مطلب ته مامرا ڪيڏا به اُلجهيل ڇونه هُجن، جڏهن اُنهن تي ويچارڻ ويهبو آهي ته ڪا نه ڪا واٽ ضرور نڪري ايندي آهي، ڪا ڌُر هڪ قدم پوئتي هٽندي آهي ته ٻي ڌُر وري تحفظات ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، هن معاملي ۾ به اسين اِهائي اُميد ٿا ڪريون ته حڪومت ڪنهن به فيصلي کان اڳ مخالف ڌر جي پارٽين کي ضرور اعتماد ۾ وٺندي ۽ سندن قبوليت جوڳين صلاحن تي عمل پڻ ڪندي ته جيئن گڏيل طور مُلڪ منجهان دهشتگرديءَ جي خاتمي کي يقيني بڻائي سگهجي.

اي پيپر