نوجوان قوم جو مستقبل هوندا آهن: ڊي جي رينجرز سنڌ

ڪراچي(م ڊ) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد چيو ته نوجوان قوم جو مستقبل هوندا آهن، ملڪ کي پيش چيلنجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نوجوانن جي تعميري صلاحيتن کي صحيح جاءِ تي استعمال ڪيو وڃي جيئن نتيجا مثبت حاصل ٿي سگهن. ڊي جي رينجرز  جنرل محمد سعيد ڊائو يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جو دورو ڪيو، ان موقعي تي يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ شاگردن ڊي جي رينجرز جو استقبال ڪيو. ميجر جنرل محمد سعيد شاگردن سان خطاب ڪندي چيو ته نوجوان قوم جو مستقبل هوندا آهن، علم حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ۽ ترقي جو راز پوشيده هوندو آهي، ملڪ جو مستقبل پرعزم نوجوانن جي بهترين تعليم سان سنوارجي سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *