ڪراچي (هه آ) هندستان ۾ مئي 2016 کان قيد 18 پاڪستاني ماهيگير آزادي کان پوءِ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي پهتا جن جو صوبائي ماهيگيري وزير محمد عکي ملڪاڻي شاندار استقبال ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ماهيگير ڀائرن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄ مبارڪ ڏينهن ۾ ۽ خوشي جو ڏينهن آهي ڇاڪاڻ ته اسان جا ماهيگير ڀائر پنهنجي وطن پهچي پنهنجي عزيزن ۽ دوستن سان مليا آهن هن چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڪوشش سان ماهيگير ڀائرن کي آزادي ملي آهي جڏهن سنڌ حڪومت ماهيگير ڀائرن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ جامع پاليسي جوڙي هي ۽ اسان ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کي هڪ سمري به موڪلي آهي جنهن ۾ سنڌ سرڪار کي گذارش ڪئي اٿئون ته ڀارتي قيد ۾ رهيل ماهيگيرن جي گھرن وارن کي 10 هزار روپيا مدد ڪئي وڃي جيڪا جلد منظور ٿي ويندي. ان موقعي تي صوبائي وزير ماهيگيري محمد علي ملڪاڻي سان گڏ فشريز ۽ لائيواسٽاڪ جو صوبائي سيڪريٽري غلام حسين ميمڻ ، ڊائريڪٽر جنرل فشريز غلام محمد مهر، ڊي ايس ريلويپاڪستان فشر فوڪ جو سربراهه محمد علي شاھ، فشرمين ويلفيئر فورم جو محمد بخش، فيصل حسين ۽ آزاد ٿيل ماهيگيرن جا مٽ مائٽ دوست سون جي تعداد ۾ گڏ هئا جن ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي آزاد ماهيگيرن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ گلن جي ورکا سان گڏ هار پڻ ماهيگيرن کي پارايا ۽ کين مبارڪ باد ڏني ان موقعي تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي گڏ ٿيل ميڊيا سان ڳالهائيندي ماهيگيري جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش سان حڪومت پاڪستان ڪامياب ڳالهيون ڪري ڀارت کان اهي ماهيگير آزاد ڪرايا آهن جڏهن ته باقي قيد ماهيگيرن جي آزادي لاءِ پڻ ڪوشش جاري آهي ۽ انشاءَالله جلد اهي به آزاد ٿي پنهنجي وطن ۾ پنهنجي پيارن سان اچي ملندا هن چيو ته جيڪو ماهيگير غلطي سان سمنڊ جي ملڪي حد پار ڪري ٿو ان کي سزا نه ملڻ گھرجي پر ٻنهي ملڪن جي گڏيل رضا مندي سان کين جلد آزاد ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته هي ماهيگير به 6 مهينن کان مٿي قيد ڪاٽي اڄ واپس ٿيا آهن هن چيو ته ڀارت کي خيرسگالي جذبي جي تحت پاڪستان جي سڀني ماهيگيرن کي آزاد ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته پاڪستان تازو ئ سئو کان مٿي ڀارتي ماهيگير آزاد ڪيا آهن هندستان کي به ساڳي ئي موٽ ڏيڻ گھرجي صوبائي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سمنڊ ۾ آبي جيوت جي زندگي هگندي پاڻي جي ڇوڙ ڪري وڌو نقصان ٿي رهيو آهي ان لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ هجڻ ضروري آهن جن لاءِ اسان ڪوششُن وٺي رهيا آهيون. ۽ لاڳاپيل ادارن سان رابطا ڪري کين ان نقصان جو اندازو ڪرايو آهي ان موقعي تي آزاد 18 ماهيگيرن سنڌ ۽ حڪومت پاڪستان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اسان پنهنجي پيارن سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا آهيون ان موقعي تي فشريز کاتي سنڌ پاران ماهيگيرن گھر تائين پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ مالي مدد جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو جنهن تي ماهيگيرن خوشي جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ حڪومت جو ٿورو مڃيون.