ملڪ ۾ ڪينسر جي مرض جي علاج لاءِ نئين اسپتال ۽ نوان وارڊ ٺاهيا پيا وڃن: سينيٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ ڪينسر جي مرض جي علاج لاءِ نئين اسپتال ۽ نوان وارڊ ٺاهيا پيا وڃن گوادر پورٽ جي آمدني ۾ بلوچستان جي حصي لاءِ دستور ۾ نئين ترميم آڻڻي پوندي لواري ٽنل کي هلندڙ سال تخت ڀائي فلاءِ اوور کي اپريل ۾ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو جڏهن ته سينيٽ جي چيرئمين سوالن جي وقفي دوران وزيرن جي اجلاس ۾ حاضري يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي جمعي تي سوالن جي وقفي دوران وفاقي وزير قومي فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ سڪندر حيات بوسن چيو ته حڪومت صرف غزا کي ڪيش سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي حڪومت درآمدي مشينري ۽ سامان جي سپلاءِ تي سيلز ٽيڪس کي 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري ست سيڪڙو ڪيو آهي زرعي مشينري ۽ سامان تي ڪسٽم ڊيوٽي کي 5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ڪيو ويو آهي سينيٽر محسن لغاري جي سوال جي جواب ۾ سڪندر حيات بوسن ٻڌايو ته ڀاڻ تي سبسڊي جي پروگرام تي ملڪ ۾ وڏي هٿي ملي ڪي پي ڪي جي حڪومت ان اسڪيم جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته اين ايڇ اي مان بليڪ لسٽ ٿيندڙ فرمز ڪمپنين ۽ ڪانٽريڪٽرن کي نئين نالي سان رجسٽرڊ نه ڪيو ويو ان وقت جو چيئرمين اين ايڇ اي جي ڌيانتداري تي ڪوبه آڱر نٿو کڻي سگهي رستن جو معيار عالمي سطح جو هوندو آهي اسان ان معيار کان مطمئن آهيون موٽر وي 15 سالن کان پوءِ مرمت ڪئي ويئي جڏهن ته ان جي حالت ان وقت به بهتر هئي شيخ آفتاب ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ قومي رستن جي سارسنڀال تي اين ايڇ اي 4 ڪروڙ 12 لک 78 هزار رپيا خرچ ڪيا وفاقي وزير شيخ آفتاب ٻڌايو ته ملڪ ۾ رجسٽرڊ پرموٽرز جو ڪل انگ 4 هزار 74 آهي ان جي ڪارڪردگي جي ڀرپور نگراني ڪئي ويندي آهي هيلٿ سروسز ريگيوليشن جي وزارت پاران ٻڌايو ويو ته نيشنل اسينشل ميڊيسن لسٽ کي ترقي ۽ جاري ٿيڻ واري معاملي عالمي صحت واري اداري جي ضروري دوائن جي بيناد تي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي اها پاڪستان جي ڊسيپلين ۾ اچي ٿو شيخ آفتاب ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪينسر جي مرض جي علاج لاءِ نئين اسپتال ۽ نوان وارڊ بڻايا پيا وڃن 8 وڏن شهرن ۾ ڪينسر بابت گڏيل ڪيل انگن اکرن مطابق مختلف علائقن ۾ ڪينسر جون علامتون هڪ جهڙيون آهن شيخ آفتاب ٻڌايو ته پاڪستان فوٽبال فيڊريشن جو پاڻ ۾ ويڙهه ان ڳالهه تائين پهچي چڪي آهي جو 2012 کان پوءِ بحال نه آهي ان ۾ ڪيترائي گروپ آهن مير حاصل بزنجو ٻڌايو ته جولاءِ 2016 کان ڊسمبر 2016 تائين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي ذريعي ڪيل واپار جو ٻه ڪروڙ 58 لک ٽن آهي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي لاءِ 10 سالن جي بزنس ڊيولپمينٽ پلان تيار ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد بين الاقوامي معيار يعني مشينري ۽ پيداواري صلاحيت حاصل ڪرڻ آهي هن ٻڌايو ته بندرگاهن جون اٿارٽيون بندرگاهن جي ويجهو سمنڊ کي گهرو ڪرڻ لاءِ بندرگاهه جي تهه کي صاف ڪري رهيون آهن هن ٻڌايو ته وزارت ۾ نوڪرين ۾ ڪوٽا تي عملدرآمد نه ڪيو ويو هاڻي اسان انهن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته وزيرن جي اچڻ جي حوالي سان منهنجي رولنگ هئي وزيرن کي هتي اچڻ تي پابند ڪيو وڃي هن راجا ظفرالحق کي چيو ته هو ان معاملي کي اعليٰ اختيارين تائين پهچائي وفاقي وزير شيخ آفتاب ٻڌايو ته پاڪستان پوسٽ جي آمدني ۾ باقاعده واڌ ٿي رهي آهي موبائيل فون کان رقم جي منتقلي پاڪستان پوسٽ لاجسٽڪ ڪمپني جو افتتاح ڪيو پيو وڃي. احمد احسن جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته تحت بائي فلاءِ اوور برج جا 24 اسپين آهن اپريل ۾ ان کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويندو. اجلاس دوران سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني چيو ته صوبائي ڪوٽا جي حوالي سان بل تي سمورين پارٽين جو اتفاق آهي ان ۾ دير نه ڪئي وڃي سينيٽ جي چيئرمين چيو ته صوبائي ڪوٽا جي حوالي سان بل تي دير ٿي رهي آهي شيخ آفتاب ٻڌايو ته ان تي سڀ پارٽيون متفق آهن ۽ ان ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *