تقرب خداوندي لاءِ بيبي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها وسيلو آهي

March 2, 2017 at 8:02 pm

اعجاز ممنائي
الله تعاليٰ رب العالمين آهي هن پنهنجي محبوب حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن کي پوري رحمت اللعالمين نبي بڻائي موڪليو جڏهن ته سندن اڪيلي نياڻي بيبي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها جن کي سيدته النساءِ العالمين بڻائي موڪليو ائين عالمين جي تخليق ۽ خود ان جي بقا جو وسيلو سمجهايو ۽ ان پاڪ بيبي سيدته النساءِ العالمين جي ذريعي رسالت جي نسل جو سلسلو قائم ڪيو خود الله سائين پنهنجي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي سوره اسراءِ جي آيت 57 ۾ فرمايو “ جن معبودن کي هي پڪارين ٿا اهي پاڻ پنهنجي رب تائين رسائيءَ جي لاءِ وسيلو تلاش ڪندا رهن ٿا” تمام مڪاتب فڪر جا علماءَ ان ڳالهه تي متفق آهن ته خداوند ڪريم تائين پهچڻ لاءِ وسيلي جو هجڻ لازم آهي ۽ اهو وسيلو اهي پنجتن پاڪ ئي آهن جيڪي تطهير جي چادر هيٺ آيا يعني حضرت محمد صه ، حضرت علي عه، بيبي فاطمه سلام الله عليها، امام حسن عليه السلام۽ امام حسين عليه السلام. حديث ڪساءِ ۾ حضرت جابر ابن عبدالله انصاري رضه نبي ڪريم صه جن جي نياڻي بيبي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها کان روايت ڪئي آهي ته جڏهن پنجتن پاڪ چادر هيٺ آيا ته جبرائيل امين پڇيو ته پالڻهار هن چادر هيٺان ڪير آهن ته الله سائين فرمايو اهي نبوت جا اهلبيت ۽ رسالت جي کاڻ آهن اها فاطمه عه سندس بابو، سندس شوهر ۽ سندس ٻه ٻچڙا آهن وڌيڪ فرمايو ته مان هيءُ مضبوط آسمان ، ڦهليل ڌرتي ، چمڪندڙ چنڊ، جرڪندڙ سج ، گھمندڙ گرهه، ، ڇلندڙ سمنڊ، ترندڙ ٻيڙيون ۽ سمورو وايو منڊل انهن پنجتن پاڪ جي محبت ۾ خلقيو آهي الله اهو ارادو ڪيو آهي ته اي اهلبيت عه ! نجاست کي اوهان کان پري رکي ۽ اهڙو پاڪ رکي جهڙو پاڪ رکڻ جو حق آهي مطلب ته جناب سيده سلام الله عليها جن کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي تڏهن ته سيد الانبياء صه جن فرمايو ته جڏهن خداوند ڪريم حضرت آدم عه کي خلق فرمايو ته ان کي پنجتن پاڪ جو مقدس نور ڏيکاريو ويو ۽ ان کي وحي فرمائي ان لحاظ کان مان محمود آهيان ۽ هيءُ محمد صه آهي مان عالي آهيان ۽ هيءُ منهنجو عبد علي عه آهي مان فاطمه سه آهيان هيءَ منهنجي نبيءَ جي نياڻي فاطمه سه آهي مان احسان آهيان هيءَ منهجو ٻانهو حسن عه آهي مان محسن آهيان ۽ هيءُ منهنجو عبد حسين عه آهي جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڪابه حاجت آهي ته انهن جي توسل سان قبول ڪئي ويندي پوءِ رسول الله صه جن فرمايو ته اسان خاندان رسالت ئي نجات جو ٻيڙو آهيون جيڪو به اسان جي معرفت حاصل ڪندو يا هن ٻيڙي ۾ سوار ٿيندو اهو ئي آخرت ۾ ڪامياب ٿيندو. حضرت بيبي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها جن جا لقب زهريٰ ، بتول، طاهره، سيده، معصومه ، راضيه ، مرضيه صديقه ، زڪيه، محدثه ، عذره جڏهن ته ڪُنيت ام الحسنين ۽ ام ابيها آهي سندن ولادت بعثت جي پنجين سال 20 جمادي الثاني تي ٿي سندن والده جو نالو بيبي خديجته الڪبريٰ سلام الله عليها آهي جيڪا پنهنجي دولت جي لحاظ کان مليڪته العرب ۽ ڪردار ۽ پاڪائي جي لحاظ کان طاهره جي لقب سان مشهور هئي اسلام جي تبليغ جو مشن جناب خديجته الڪبريٰ سلام الله عليها جي دولت سان مڪمل ٿيو پاڻ فرمائين ٿيون ته جڏهن فاطمه سه منهنجي بطن ۾ هئي ته اها مون سان ڳالهيون ڪندي هئي جڏهن ان جي ولادت ٿي سڄي ڪائنات سندس نُور سان روشن ٿي ويئي جناب سيده سلام الله عليها جي فضيلت جي باري ۾ قرآن مجيد ۾ ڪيتريون ئي آيتون آيل آهن جيئن آيت تطهير، آيت مباهله، آيت مودت ، سوره ڪوثر وغيره شامل آهن جڏهن ته ڪيترين ئي حديثن سندن شان بيان ڪيل آهي هر عورت جي شخصيت جون ٽي بنيادي جهتون (پاسا) هونديون آهن يعني ڌيءُ، ماءُ، ۽ زال. جناب بيبي فاطمه الزهريٰ سلام الله عليها نبي ڪريم صه جن ڌيءُ آهي پر پاڻ سڳورا صه جن کين پنهنجي ماءُ ڪري سڏيندا هئا ۽ سندن احترام ۾ اٿي بيهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته فاطمه سه منهنجي جگر+ جو حصو آهي.
فاطمه سه جي خوشيءَ سان منهنجي خوشي آهي جنهن فاطمه کي ناراض ڪيو ان ڄڻ مونکي ناراض ڪيو جنهن مون کي ناراض ڪيو ان خدا کي ناراض ڪيو ٻئي پاسي اميرالمومنين حضرت امام علي عه جن جي زال آهي ۽ امام حسن عه ۽ امام حسين عه جن جي ماءُ آهي انهن ٽنهي نسبتن ۾ بيبيءَ جو ڪوبه همسر يا شريڪ نه آهي بيبي فاطمه سه اهڙي پرعظمت شخصيت جي مالڪه آهي جيڪا دنيا جي عورتن لاءِ هڪ نمونو آهي ڇوته اسلام عورت کي جيڪا عظمت ۽ وقار ڏنو آهي تنهن جو عملي مثال بيبي فاطمه سلام الله عليها جن آهن مان اهو دعويٰ سان چوان ٿو ته دين اسلام عورت جي حرمت جي حفاظت جو جيڪو نظام ڏنو آهي اهڙو نظام نه ڪنهن مڪتب وٽ آهي نه ڪنهن مسلڪ وٽ آهي پر افسوس اسان اسلام جي دعويٰ ته ڪريون ٿا پر اسلام جي پيروي نه ٿا ڪريون جنهن ڪري برايون جنم وٺن ٿيون ۽ ذلت ۽ رسوائيءَ مقدر بڻجي ٿي دنيا جو دستور آهي ته پيءُ جي وفات بعد سندس نياڻيون سوڳ ملهائينديون آهن ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون آهن پر ﺍﻓﺴﻮﺱ آھي جنهن بيبيء جي تعظيم لاء رسول خدا صه جن اٿي بيهندا هئا ان جي برقعو مٽڻ بعد سندس امت جو رخ ان طرف کان مٽجي ويو ۽ سندن گهر تي باهيون کڻي آيا ۽ جنهن فاطمه سه کي رسول الله جن هڪ ڳوڙهو به ڳڙڻ نه ڏنو تنهن کي امت ايتريون ته تڪليفون ڏنيون جو مجبور ٿي بيبيء کي چوڻو پيو ته بابا تنهنجي وڃڻ کان پوء مون تي اهي مصيبتون نازل ٿيون جو جيڪڏهن اهي چٽي ڏينهن تي پون هان ته ڪارين راتين ۾ تبديل ٿي وڃن هان جيڪڏهن جبلن تي پون هان ته ريزا ريزا ٿي وڃن هان بابا تنهنجي وڃڻ کان پوء مون کي تنهنجي امت روئڻ به نه ٿي ڏيئي ائين بيبي کان هر قسم جو چين سڪون ۽ قرار کسيو ويو عام طور تي والدين جي وڇوڙي جا ڏينهن گذرندي غم گھٽبو ويندو آهي پر جناب سيده جي غمن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو رهيو ۽ پاڻ زارو قطار روئنديون رهيون سندن فريادون پنهنجي بابا جي فراق ۾ بلند ٿينديون رهيون هڪ ڏينهن پنهنجي قبر تي وڃي هيءُ فرياد ڪيائون اي منهنجا مهربان بابا……..اي بي سهارا عورتن جي زندگيءَ جي بهار…….اي يتيمن جا ملجا ۽ ماويٰ……….. ! توهان جي وڃڻ کان پوءِ ڪير محراب مسجد ۾ نماز پڙهائيندو ……….. ڪير آهي جيڪو توهان جي غمزده ڌيءُ کي تسلي ڏيندو ………!!! اهي ويڻ ٻُڌي ماڻهن روئڻ شروع ڪيو عورتن يڪدم پنهنجي گھر جا چراغ وسائڻ شروع ڪيا ۽ روضه رسول طرف ڊوڙڻ لڳيون سندن اکيون ساوڻ جي مينهن وانگر وسي رهيون هيون بيبي فاطمه (س) غم جي درياءَ ۾ ٻڏل هيون سندس آهه وزاري سڄي مديني کي غمگين ڪري ڇڏيو پاڻ فرمايائون ته بابا تنهنجي وڃڻ کان پوءِ منهنجا حق غضب ڪيا ويا منهنجي گھر تي باهيون ڏنيون ويون منهنجو پهلو زخمي ڪيو ويو منهنجو محسن شهيد ڪيو ويو منهنجي شوهر جي گلي ۾ رسي وجهي قيد ڪيو ويو ائين چوندي مٿن غش طاري ٿي ويندو هو رسول الله صه جن جي وفات کان پوءِ اسلام جي پهرئين مئوزن حضرت بلال رضه آذان ڏيڻ ڇڏي ڏني هئي هڪ ڏينهن بيبي فاطمه سه فرمايو مان پنهنجي بابا جي آذان ٻُڌڻ چاهيان ٿي مسجد نبوي ۾ آذان ڏني وڃي ته جيئن پنهنجي بابا جي آذان ٻُڌان، حضرت بلال رضه نبيءَ جي پاڪ نياڻيءَ جي حڪم جي تعميل ڪندي احترام ۾ آذان ڏيڻ شروع ڪئي
جيئن ئي حضرت بلال رضه الله اڪبر جي صدا بلند ڪئي ته دختر رسول کي امير عدالت سيدالبشر جو زمانو ياد اچي ويو جڏهن هر طرف سعادت ئي سعادت هئي. زمين ۽ زمن ۾ سک ئي سک هو بتول جو چمن آباد هو بس سندس اکين مان بادل وسڻ لڳا جڏهن حضرت بلال رضه اشهد اَنّ مُحمّدا رسولُ الله چيو ته پاڪ بيبي پنهنجي بابا جو نالو ٻُڌي برداشت نه ڪري سگھي ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پئي ماڻهو حضرت بلال رضه طرف ڀڄڻ لڳا ۽ کيس چيائون ته آذان بند ڪر نبيءَ جي نياڻيءَ جو روح پرواز ٿي ويو آهي حضرت بلال رضه آذان بند ڪئي ته بيبي سه جي بيهوشي به ختم ٿي ويئي ۽ بلال ڏي نياپو موڪليو ته کيس چئه ته آذان پوري ڪري تڏهن حضرت بلال رضه عرض ڪيو ته توهان جي جان جي خوف کان آذان ڇڏي ڏنم هاڻي مون کي معاف ڪيو وڃي مان آذان نه ٿو ڏئي سگھان حضرت امام جعفر صادق عه جن فرمائين ٿا ته خاتون جنت پنهنجي بابا جي وفات کان پوء 75 ڏينهن هن دنيا ۾ زندهه رهي ۽ 3 جمادي الثاني سن 11 هجريءَ ۾ شهادت ماڻي انهن 75 ڏينهن ۾ هن ڪڏهن به خوشي نه ڏٺي سندس وصيت به نهايت ڏکائيندڙ آهي پاڻ پنهنجي مڙس امام علي عه جن کي فرمايائون ته مونکي ڪپڙي جي هيٺان يا منهنجي پيرن کان غسل ڏجو منهنجو جنازو رات جي وقت کڻجو، منهنجي جنازي نماز ۾ انهن ماڻهن کي شامل ڪجو جيڪي اهلبيت سان قربت رکندا هجن منهنجي قبر کي خفيه رکجو ظاهر دفن نه ڪجو منهنجي قبر کي لڪائجو جن ماڻهن مون تي ظلم ڪيو آهي انهن کي منهنجي جنازي ۾ شامل ٿيڻ نه ڏجو مون کان پوءِ توهان ڪنهن عورت سان نڪاح ڪجو منهنجي اولاد کي وقت ڏجو منهنجي قبر تي اچجو ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ڪجو ان وقيت مان صاف ظاهر آهي ته بيبي فاطمه سه مظلومه ۽ محڪومه عورت آهن اڄ به سندس قبر مظلوميت جو ڏيک ڏئي رهي آهي جنهن دهشتگردي ڪري جناب سيده سلام الله عليها کي زندگيءَ ۾ سڪون ڪرڻ نه ڏنو تن جي پوئلڳن بلڊوزر سان جنت البقيع مان سندس قبر جا نشان به مٽائي ڇڏيا جيڪو تاريخ جو وڏو ظلم آهي شال خداوند ڪريم ظالمن کي نيست و نابود ڪري

اي پيپر