اسلام آباد ۾ ڪوٺايل اقتصادي تعاون تنظيم جي ڪانفرنس

March 2, 2017 at 8:00 pm

ڪالهه اسلام آباد ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ترڪي ۽ ايران سميت ٻين ميمبر ملڪن جي سربراهن خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل علائقائي سهڪار کي اهم قرار ڏنو آهي، 22 سالن کانپوءِ اسلام آباد ۾ ٿيل اي سي او سربراهي ڪانفرنس ۾ پنجن ملڪن جا صدر ۽ ٽن ملڪن جا وزيراعظم شريڪ ٿيا، جن ۾ ايران، ترڪي، آذربائيجان، تاجڪستان ۽ ترڪمانستان جا صدر، جڏهن ته ڪرغستان، قازقستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم شامل هئا. انهيءَ اجلاس ۾ افغانستان جي صدر کي به شريڪ ٿيڻ گهربو هو، پر سندس نمائندگي پاڪستان ۾ ئي مقرر ٿيل افغان سفير شرڪت ڪري ڪئي.
اقتصادي تعاون تنظيم جي اجلاس جي صدارت ۽ ميزباني ڪندي وزيراعظم نوازشريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اي سي او ۾ اتر ۽ ڏکڻ جي خطن کي ويجهو آڻڻ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. ان موقعي تي ايراني صدر روحاني 21هين صديءَ کي ايشيا جي اقتصادي ترقي جو بهترين دور قرار ڏيندي چيو ته اقتصادي سرگرميون هاڻي اولهه کان اوڀر طرف منتقل ٿي رهيون آهن، هُن تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ شاهراهه وسيلي رابطا قائم ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته اقتصادي تعاون سان خطي جي صورتحال ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان پنهنجي خطاب ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ٿيندڙ ترقي طرف ڌيان ڇڪائيندي چيو ته سندس ملڪ اُنهن اهم ترقياتي ڪمن ۾ مصروف آهي، جيڪي ترڪيءَ کي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڳنڍڻ ۾ لاڀائتا ثابت ٿيندا.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اي سي او اهم پليٽ فارم آهي ۽ ان تنظيم ۾ شامل ملڪن جو خطو بي پناهه وسيلن ۽ صلاحيتن سان به مال مال آهي، پر انهن وسيلن کي گڏيل سهڪار کانسواءِ خطي جي عوام لاءِ ڪارائتو نٿو بڻائي سگهجي. دنيا ۾ اڄ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ واپار انهيءَ خطي ذريعي ڪيو وڃي ٿو. مواصلات جي شعبن ۾ وڏي پئماني تي خطي ۾ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، ريل رستا، شاهراهون، تيل، گئس جون پائيپ لائينون ۽ سي پيڪ جهڙا جامع منصوبا خطي جي ملڪن کي ويجهو آڻي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پاڪستان معاشي ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري رهيو آهي، پر ڪجهه ملڪ، جيڪي پاڪستان مخالف لابي ۾ شريڪ ٿي مختلف سازشن وسيلي هن خطي کي ترقي ۽ خوشحالي کان محروم رکڻ چاهين ٿا ۽ کين اهو به پسند ناهي ته هتي اي سي او جهڙا اجلاس ٿين. اي سي او ملڪن مان گذرندڙ رستو اولهه لاءِ مختصر ترين رستو آهي، جنهن تي اولهه جا ملڪ به ڳڻتيءَ ۾ گهيريل ڏسجن ٿا. اها به حقيقت آهي ته دهشتگردي، آمريت ۽ غيرمستحڪم سياسي نظام جي ڪري پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچندو رهيو آهي، پر هاڻي جيڪڏهن معيشت جي حوالي سان پاڪستان جي ڪارڪردگي بهتر ٿي رهي آهي ۽ ان ڳالهه کي عالمي اڳواڻ به تسليم ڪري رهيا آهن ته يقينن اهڙي اعتراف سان پاڪستان هڪ ڏينهن ترقي پذير ملڪن مان ترقي يافته بڻجڻ تائين وڏي ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن پاڪستان اقتصادي تعاون تنظيم جي ميمبرن ملڪن ۽ ترقي لاءِ جاکوڙيندڙ اهڙين ٻين تنظيمن ۾ شامل ملڪن سان پنهنجي ويجهڙائي جاري رکندو.
اسين سمجهون ٿا ته هن خطي کي دهشتگردي، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ سميت توانائي جي کوٽ سميت ٻيا ڪيئي چئلينجز آهن، جن کي ڪوبه ملڪ اڪيلي سر منهن نٿو ڏئي سگهي، ان ڪري اي سي او ذريعي ميمبر ملڪ گڏيل سهڪار ڪري انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ساڳي ريت واپاري معاهدن تي عملدرآمد جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون پونديون، جنهن لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم خطي جي ترقي ۽ پائيدار ترقي لاءِ مشاورت جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي، اسان کي گڏيل بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ بنيادي ضرورتن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، خطي ۾ توانائي جا ڪيئي وسيلا مختلف صورتن ۾ موجود آهن، جن کي استعمال ڪرڻ لاءِ وڏي سرمائي جي گهرج آهي ۽ اهو قدم گڏيل سهڪار سان ئي کڻي سگهجي ٿو. اقتصادي ترقي خطي جي دفاع ۽ استحڪام لاءِ به لازمي آهي، وڏن وڏن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان معاشي استحڪام ايندو، جنهن سان پاڪستان توڙي ان تنظيم ۾ شامل ملڪ به ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهندا. بهرحال، اسين اميد ڪريون ٿا ته جهڙي ريت اسلام آباد ۾ هڪ ڪانفرنس ذريعي خطي جي مختلف ملڪن جي سربراهن کي گڏ ٿيڻ جو موقعو مليو آهي، ان عمل کي اڳتي لاءِ به جاري رکڻ گهرجي ته جيئن عالمي برادري پاڪستان تي مڪمل طور تي اعتماد ڪري سگهي ۽ ان جي ترقي ۽ خوشحالي جون راهون کُلي سگهن.

اي پيپر