اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته عالمي ڪرڪيٽ واپس آڻڻ لاءِ فائنل ڪرائڻ بيوقوفي آهي، هن چيو ته ڪرفيو جي حالت ۾ مئچ ڪرائي ڪيئن امن جو پيغام ڏئي رهيا آهن، عمران خان چيو ته پي ايس ايل جو فائينل ئي نه پورو پي ايس ايل پاڪستان ۾ ٿيڻ گهرجي، سڪيورٽي خدشن سبب جلسا منسوخ ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ٿي ويو ته 10 سال ڪرڪيٽ پاڪستان کان پري ٿي ويندي، ڪلب ليول جي پرڏيهي رانديگرن کي آڻي انهن کي پرڏيهي نٿو چئي سگهجي.