سنڌ ۾ ڌارين جي موجودگي ۾ ٿيندڙ آدم شماري سنڌ ين خلاف وڏي سازش آهي؛شاد کوسو

ڪراچي ( پ ر ) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، پروفيسر سچل ڪلوڙ، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ، الطاف مهر، انور مغل ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ آدم شماري آخري مرحلن ۾ داخل آهي ، پر سنڌ ۾ غيرملڪين سميت ٻين صوبن کان غيرقانوني طور ترسيل 45 لک ڌاريا اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ وارو سنڌ سرڪار جو اعلان به ڍونگ ثابت ٿيوآهي، سنڌ ۾ ڌارين جي موجودگي ۾ ٿيندڙ آدم شماري سنڌ ين خلاف وڏي سازش آهي،هنن چيو ته اسان سالن کان وٺي چوندا رهون ٿا ته سنڌ سرڪار ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ ۾ سنجيدھ ناهي، پيپلز پارٽي جي ڪوچيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اعلان باوجود سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تحرڪ نه وٺڻ ان جو چٽوثبوت آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار ٿيندڙ آدم شماري تي آهي پر افسوس جي ڳالھ آهي ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ ۽ سنڌ سرڪار جا وزير مشير ٿيندڙ آدم شماري کي مانيٽرڪرڻ بدران ٻولي واري خاني ۾ سنڌي لکرائڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن جيڪو عمل انتهائي مذمت لائق آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار ڌارين جي پشت پناهي ڪندڙن لساني ٽولن جي فرمائش تي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ بدران ڌارين جي داخلا ڪرائڻ لاءِ حيلا بهانه تلاش ڪري رهي آهي، آدم شماري سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلوآهي تنهن ڪري سنڌ سرڪار سميت ڪنهن به ڌر کي آدم شماري تي مفاهمت ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، سنڌي عوام ساڃاھ وند ڌريون آدم شماري ۾ وڌ۾ وڌ حصووٺن، پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ نيشنل پارٽي جي اڳواڻن سنڌ دشمن منصوبن بحريا ٽائون، ڌاري آبادگاري، گوڙائوڊيم خلاف عوامي تحريڪ جي هلندڙ لانگ مارچ جي حمايت ڪندي گهر ڪئي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي،..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *