وڪٽر پبلڪ اسڪول ۾ تعليم ڏيندڙ استاد پئسن جي معاملي تي پنهنجا هوش وڃائي وهشي بڻجي ويو،

جيڪب آباد (ڊ،ر) وڪٽر پبلڪ اسڪول ۾ تعليم ڏيندڙ استاد پئسن جي معاملي تي پنهنجا هوش وڃائي وهشي بڻجي ويو، جو فيس جي معاملي تي شاگرد کي ڪٽي ڪٽي اڌ مئو ڪري ڇڏيو ، ٻار کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪجھ ٻارن پاڻي هاري هن کي هوش ۾ آندو، خبر موجب؛ وڪٽر پبلڪ اسڪول ۾ تعليم ڏيندڙ استاد پئسن جي معملي تي پنهنجا هوش وڃائي وهشي بڻجي ويو، جو فيس جي معاملي تي شاگرد کي ڪٽي ڪٽي اڌ مئو ڪري ڇڏيو ، ٻار کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪجھ ٻارن پاڻي هاري هن کي هوش ڏياريون، شاگرد راجه گهنيو، جي والد سجاد گهنيو پنهنجي پٽ کي رتو رت ڏسي، صحافين جي اڳيان داهون ڪندي ٻڌايو ته،استاد لاءِشاگرد پنهنجي ٻچن جي جاءِ تي هوندو آهي،پر هن کي استاد جهڙي پيشي جي ڪا به خبر ناهي، هن منهنجي پٽ تي ايڏو تشدد ڪيو آهي جوهن جي نڪ جي هڏي به ڀڃي پئي آهي،وڌيڪ چيو ته مونکي انصاف ڏياريو وڃي، ۽منهنجي پٽ تي ٿيندڙ مار ڪٽ جوتدارڪ ڪيو وڃي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *