ڪراچي(م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت وسيم اختر جي مسقتل بنيادن تي پاسپورٽ واپس ڪرڻجي درخواست رد ڪندي هن کي پرڏيهه وڃڻ جو شيڊول جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميئر ڪراچي وسيم اختر طرفان داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن م هن عدالت کي گذارش ڪئي ته سندس پاسپورٽ مسقتل يا 6 مهينن جي لاءِ هن کي ڏنو وڃي. ميئر ڪراچي درخواست ۾ موقف ورتو ته دير سان پاسپورٽ ملڻ جي ڪري هو ايران نه وڃي سگهيو، تنهن هوندي هاڻ هن کي 14 کان 17 مارچ تائين پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ ڪوريا وڃڻو آهي. هن درخواست ڪئي ته سندس پاسپورٽ ان کي مستقل بنيادن تي ڏنو وڃي جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ائين نٿو ٿي سگهي توهان کي جڏهن وڃڻو هجي تڏهن اجازت وٺي وڃجو.