آل پارٽيز ڪانفرنس: پيپلز پارٽي سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا

 اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي جي آل پارٽيز ڪانفرس جي لاءِ ملاقاتن سلسلو جاري آهي. آصف علي زرداري پاران ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سڀني پارٽين جي اڳواڻن کي خط موڪلي ڇڏيا. جڏهن ته پيپلز پارٽي اي پي سي ۾ شرڪت جي لاءِ سياسي رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ سياسي پارٽين سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سڀني پارٽي جي رهنمائن کي خط پڻ موڪليو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئر حسين بخاري جو چوڻ هو ته اي پي سي ۾ فوجي عدالتن جي مدي وارو معاملو به شامل آهي. ياد رهي ته پيپلز پارٽي ۴ مارچ تي نيشنل ايڪشن پلان جو جائزو ۽ فوجي عدالتن جي مدي واري معاملن لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي وئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *