هاءِ ڪورٽ جي پابندي باوجود جيڪب آباد ۾ شراب جا گتا،سرعام هلڻ لڳا،انتظاميه خاموش
March 2, 2017 at 7:36 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
جيڪب آباد (ڊ،ر) هاءِ ڪورٽ جي پابندي باوجود جيڪب آباد ۾ شراب جا گتا،سرعام هلڻ لڳا،پوليس چوڪي نزديڪ هجڻ باوجود به پوليس ڪوبه ٻوٽو ٻاري نه سگهي، شراب بند ٿيڻ جي خبر پوڻ تي شراب پئڻ واراگتي تي پهچي ويا،رکشن،موٽرسائيڪلن،۽ گاڏين تي، خبر موجب؛ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پوري سنڌ جيان جيڪب آباد ۾ به شراب خانن تي لڳايل پابندي باوجود به شهر جي دل ٽاور روڊ تي قائم شراب اسٽور جيڪو شام جو کولڻا هوندا آهن، اهي پابندي جي خبر پون تي سويري ئي شراب اسٽور کولي بليڪ تي شراب جو وڪرو شروع ڪري ڏنو، جنهن کي پوليس به روڪڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي، ڇو ته پوليس جي ڪجھ عملدارن پنهنجو حصو پڻ ورتو جنهن جي واضع مثال کلي عام بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شراب هلي رهي آهي ۽ پوليس پنهنجو رستو وٺي هليا وڃن ٿا،شراب جي دوڪان ٻاهريان رش ڏسي شهرين ميڊيا کي اطلاع ڏني ته هت رش ٿي وئي آهي الاهي جو ڇو جنهن تي صحافين دوڪان جي ٻاهريان وڃي ڏٺو ته شراب جو وڪرو سرعام هلي رهيوآهي جيڪو شراب غير مسلم جي لاءِ هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي پر هتي ته مسلمان به وڏي تعداد ۾ شراب وٺي رهيا آهي، انهن تي پابندي ڪير هڻندو،ننڍي عمر واري ٻرن ۽ مسلمانن کي سرعام شراب ڏنو پيو وڃِي جيڪو پوليس جي لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آهي،۽ عدالت سڳوري جي اهڙي فيصلي تي جيڪب آباد جي عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائجي وئي.۽هنن عدالت سڳوري کان گهر ڪئي آهي ته انهي شراب خانن تي تاحيات پابندي هڃي وڃِي.