وڏو وزير پاران ملير پهچي اسپتال جو افتتاح،اسپتال جو افتتاح ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان؛مراد شاهه
March 1, 2017 at 8:31 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي: سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ملير پهتو جتي وڏي وزير ملير برج ويو تي تعمير ٿيل اسپتال جو افتتاح ڪيو. اسپتال جو بنياد ۲۲ سال پهرين مراد علي شاهه جي والد عبدالله شاهه ۱۹۹۴ع ۾ رکيو هو. وڏو وزير اسپتال پهتو ته کيس ٽوپي ۽ اجرڪ پارايو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته اسپتال جو افتتاح ڪرڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان هلنڙ سال وڌيڪ ۳ اسپتالون مڪمل ٿي وينديون. ملير ۾ بورڊ ڊويزن به ٺاهيو ويو آهي. سيوهڻ شريف جي درگاهه تي بجلي بند ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته وزيراعظم کان پڇو هو ته درگاهه جي بجلي جا بل ڀرڻ باوجود بجلي ڇو ڪٽي وئي. افتتاح جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر مرتصيٰ بلوچ، صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو ۽ ٻيا اڳواڻ موجو هئا.