سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري ورهاست تي يقين نٿا رکون: ناصر شاهه
February 28, 2017 at 6:11 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهري ورهاست تي يقين نٿا رکون. اردو بازار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهر ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، هلندڙ سال جي آگسٽ مهيني کان سٽي بس سروس شروع ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو آهي ته رڳو بيان نه گهرجن ڪم ڪري ڏيکاريو. آدم شماري جي معاملي تي ڪنهن وٽ به اسان جي خلاف ثبوت آهن ته اهي سامهون آندا وڃن.