قومي معاملن کي اينگهائڻ واري روايت ختم ٿيڻ گهرجي

February 28, 2017 at 5:49 pm

پيپلز پارٽي فوجي عدالتن جي قيام تي اتفاق ڪرڻ جي مشروط حمايت ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس ۾ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي اُن وقت تائين حمايت نه ڪندي، جيستائين ان جا نوان شرط شامل نه ڪيا ويندا، هڪ انٽرويو ۾ پ پ جو موقف بيان ڪندي هن چيو ته ماضي جي ٻن سالن ۾ فوجي عدالتن جي ڪارڪردگي جي روشني ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن سموريون جماعتون واڌ جي معاملي تي متفق ٿي ويون ته پوءِ به پ پ وٽ ٻيون تجويزون آهن ته جيئن خدشن جو حل ڪڍي سگهجي، فرحت الله بابر وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اڄ ڏينهن تائين اهڙا قانون بڻايا ويا آهن، جيڪي دهشتگردن بجاءِ سياستدانن جي خلاف استعمال ڪيا ويا، اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن اهي قانون انهن ماڻهن جي خلاف استعمال ٿيندا، جيڪي اڄ فوجي عدالتن جي حق ۾ آهن.
ڏٺو وڃي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان، لشڪر جهنگوي ۽ ٻيون شدت پسند تنظيمون جيڪو ڪجهه ڪري رهيون آهن، ان جو بنياد فرقيواريت ۽ مذهبي منافرت آهي ۽ اهي ملڪ جي مختلف هنڌن تي حملا ڪري معصوم انسانن جو رت وهائي رهيون آهن. گذريل ٻن سالن جي عرصي ۾ دهشتگردن جي خلاف ضرب عضب ۽ ڪراچي آپريشن سميت ٻين نالن سان جيڪي اثرائتيون ڪارروايون ڪيون ويون، تن يقينن ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن کي گهڻي حد تائين ٻنجو ڏنو، گڏوگڏ فوجي عدالتن به اهم ڪردار ادا ڪيو، پر هن وقت سياسي جماعتن خاص ڪري جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽين جي ظاهر ڪيل خدشن کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جهڙي ريت فرحت الله بابر پ پ جي خدشن جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، سي به پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا، پر جي سياسي جماعتون خدشن ۽ غلط فهمين ۾ ئي گهيريل رهيون ته قومي معاملا ائين ئي اينگهجندا رهندا، جيئن فوجي عدالتن جو مامرو لٽڪي پيو آهي. جيتوڻيڪ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو مامرو قومي مفادن جو مسئلو آهي، جنهن تي سڀئي ڌريون متفق آهن، پر پيپلز پارٽي کي ڪجهه خدشا آهن، جيڪي جلد ختم ڪيا ويندا، مولانا فضل الرحمان به ان معاملي جي جلد حل ٿيڻ جي اميد رکي ٿو، تنهن هوندي به مولانا فضل الرحمان ۽ جماعت اسلامي جا اهي اعتراض آهن ته فرقيواريت ۽ مذهبي منافرت جا لفظ دهشتگردي مان ڪڍيا وڃن، ان ڪري نئين ۽ پراڻي مسودي کي ٻيهر غور لاءِ رکيو ويو آهي، جنهن لاءِ هڪ ڪميٽي به جوڙيل آهي، جيڪا اتفاق پيدا ڪرڻ بعد مسودو منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪندي ته جيئن فوجي عدالتن جي قيام کي عمل ۾ آڻي سگهجي.
اسان وٽ اها وڏي بدقسمتي آهي جو هتي جمهوري نظام، صوبائي اسيمبليون ۽ قومي ايوان موجود هجڻ جي باوجود انهن فيصلن تي وڌيڪ عملدرآمد ٿيندي نظر ايندو آهي، جيڪي ايوانن کان ٻاهر ڪيا ويندا آهن، جنهن سان انهي تاثر کي هٿي ملندي رهي آهي ته ملڪ جا ايوان رٻڙ اسٽيمپ بڻيل آهي. موجوده وقت جيڪا صورتحال نظر اچي پئي، سا چٽي طرح ٻڌائي رهي آهي ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو رولڙي جو شڪار آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان فوجي عدالتن جو مدو ختم ٿيو آهي، تنهن وقت کان هيستائين حڪومت ۽ مخالف ڌر جي پارلياماني پارٽين جا ڪيئي ڀيرا اجلاس ٿي چڪا آهن، جن ۾ ڪو به کڙتيل ناهي نڪتو ۽ اهي بنا نتيجي ٿيندا پيا اچن. گڏوگڏ حڪمران جماعت نوازليگ تي اهي الزام لڳي رهيا آهن ته اها ڪنهن به قومي معاملي تي اتفاق ڪرائڻ جي صلاحيت نٿي رکي. حقيقت به اها ئي آهي ته نواز حڪومت فوجي عدالتن جي معاملي کي هڪ پاسي ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نٿي اچي، اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي پاران ايندڙ مهيني فوجي عدالتن جي معاملي تي ڪنهن به فيصلي تي پهچڻ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي وئي آهي، جنهن ۾ فوجي عدالتن جو قيام اڳتي لاءِ برقرار رکڻ يا ٻي ڪا واٽ اختيار ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو، پر اهو ڪو وڏو فيصلو به ناهي جو ان کي ايتري ڊيگهه ڏني وئي آهي. بهرحال، جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي سڏايل اي پي سي ۾ ڪنهن راءِ تي سموريون جماعتون اتفاق ڪري وٺن ٿيون ته اهو مثبت قدم هوندو، گڏوگڏ اهو سوال به پنهنجي جاءِ تي جنم وٺندو ته آخر پارلياماني جماعتون ڪنهن به قومي معاملي تي پارليامينٽ اندر اتفاق کان عاري ڇو آهن؟

اي پيپر