نواز ليگ جو مستقبل ۽ سياست جو وايو منڊل  

February 28, 2017 at 5:49 pm

اعجاز ممنائي
نواز شريف ٽيون ڀيرو اقتدار جو مزو ماڻي هن وقت آخري ڏينهن ڳڻي رهيو آھي ڇوته 2018ع واري اليڪشن جون تياريون به ٿي رهيون آھن جنهن ۾ پيپلز پارٽي ڀڃ ڊاهه وارو سلسلو به شروع ڪري ڏنو آھي اتر سنڌ ۾ نادر اڪمل لغاري کان پوء خالد لنڊ پي پي پي ۾ پير پاتو آھي ائين عرفالله مروت کي به پي پي پي جي ويجهو ڏسي بختاور ۽ آصفه ڀٽو جي احتجاج ۽ ناراضگي بعد پوئتي پير ڪرڻا پيا جڏهن ته نبيل گبول صاحب پنهنجي جاء پي پي پي ۾ ٺاهي ورتي مطلب ته پيپلز پارٽي اقتدار ماڻڻ لاء ڀرپور ڪوششن ۾ رڌل آهي پر نواز ليگ جو چوڻ آهي ته اسان ڪارڪردگي جي بنياد تي اليڪشن کٽينداسين ٻئي پاسي ۾ ڏٺو وڃي ته تحريڪ انصاف مسلسل پنجاب تي پنهنجو دٻدٻو برقرار رکيو پئي اچي ۽ نواز شريف ۽ سندس خاندان کي پاناما ليڪس ڪيس ۾ اهڙو ته سوگهو ڪيو آھي جو نواز ليگ جا سڀ وزير ۽ مشير روزانو سپريم ڪورٽ ٻاهران ڪورٽ لڳائي نواز شريف جي ڪارڪردگي ۽ عمران خان تي تنقيد جا تير وسائين ٿا پر سپريم ڪورٽ واضع چئي ڇڏيو آھي ته هو ڪنهن به پريشر ۾ اچي فيصلو نه ڏيندا ۽ اهڙو فيصلو ڏيندا جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو هاڻي پوري قوم ان انتظار ۾ آھي ته سپريم ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ٿي ڏئي ڇوته نواز ليگ توڙي تحريڪ انصاف ٻئي پارٽيون خوش فهميء ۾ آھن ته سندن حقڀ۾ فيصلو ايندو پر ڪجهه تجزيانگار اهو پڻ چئي رهيا آھن ته اهو ڪيس اتي جو اتي دفن ٿي ويندو ان جا ڪيترائي سبب پڻ بيان ڪيا پيا وڃن جن کي هن وقت لکڻ مناسب نه آھي پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف نواز ليگ لاء سنجيده چيلينج آھي جنهن جو نواز شريف کي پڻ علم آھي ته سندس سياسي طاقت ڪيتري آھي فرض ڪيو وڃي ته نواز ليگ جي پنجاب ۾ سياسي پوزيشن ڪمزور آھي ته يقينن ايندڙ اليڪشن ۾ قومي اسيمبليء جون سيٽون نه کڻي سگهندي هن وقت به کيس اقتدار رڳو پنجاب جي سيٽن سبب ميسر ٿيو آھي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ڄڻ ته نواز ليگ جو وجود ئي نه آھي هاڻي جڏهن پنجاب به سندس ساٿ نه ڏئي ته يقينن هو ڪانه ڪا حڪمت عملي ضرور ٺاهيندو جنهن جو هن بنياد به رکي ڇڏيو آھي ته پيپلز پارٽي کي ٽوڙڻ لاء سنڌ ۾ گورنر پنهنجي مرضيء سان مقرر ڪري کيس هوم ورڪ ڏنو آھي ته پي پي پي مخالف جماعتن کي ويجهو آڻي ته جيئن وقت سر ساڻن اتحاد قائم ڪري سگهجي يا پارٽين کي خريد ڪري سگهجي جيئن ماضيء ۾ هن سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ نيشنل پيپلز پارٽيء کي پنهنجي پارٽيء ۾ ضم ڪري سندن وجود کي ئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهي هن وقت به گورنر سڀني قومپرست پارٽين سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آھن هاڻي ڏسڻو اهو آهي کيس ڪهڙي موٽ ٿي ملي ڇوته گورنر محمد زبير مريم نواز جي گڊ بڪس ۾ شامل آھي ۽ ان جي ميڊيا ٽيم جو حصو رهيو آھي ۽ٽي وي پروگرامن ۾ پنهنجي پارٽيء جو ڀرپور دفاع ڪندو رهيو آهي محمد زبير کي ماضي ۾ اڪثر پنهنجي ننڍي ڀاء ۽ پي ٽي آئي جي اهم اڳواڻ اسد عمر سان به ٽي وي پروگرامن ۾ وڙهندي ڏٺو ويو آھي پر کيس بنائڻ جو مقصد اهو به هو ته ڪراچي جي واپارين کي پاڻ طرف متوجه ڪري جيڪي واپاري پي ٽي آئي سان وابستگي رکن ٿا تن کي نواز ليگ ۾ شامل ڪرڻ لاء حڪمت عملي بنائي ڇوته نواز شريف خود هڪ وڏو صنعتڪار آھي ان ڪري سياست کي به صنعت جي طرز تي هلائيندو رهيو آھي جنهن مان کيس هر دور ۾ نقصان به پهتو آھي پر ان جي باوجود ان ڪو سبق نه پرايو آھي
     جڏهن ته ٻئي پاسي ڪي پي ڪي ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت هوندي به ڪافي مشڪلات ۾ گهيريل آھي پر نواز ليگ به ڪا چڱي پوزيشن ۾ نه آھي ڇوته ڪي پي ڪي ۾ نواز ليگ جا ٻه ڌڙا آھن هڪ صابر شاهه گروپ آھي جڏھن ته ٻيو ڌڙو امير مقام جو آھي جنهن ڪري سندن جهڙي مان فائدو وٺندي تحريڪ انصاف پنهنجي پوزيشن بهتر ڪري ورتي آھي ۽ ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪم ڪي پي ڪي ۾ ٿيو آهي پر جيئن مک سڄي صاف جسم کي ڇڏي گندي حصي تي نظر رکندي آھي تيئن نواز ليگ کي پنجاب کان سواء ٻين صوبن جي ڪارڪردگي زيرو ڏسڻ۾ اچي ٿي جڏهن ته صوبن جي ڪارڪردگي خود وفاق جي ڪارڪردگي هجي ٿي پر نواز ليگ رڳو پنجاب تي ڌيان ڏيئي ٻين صوبن تي تنقيد جا باب کولي ڇڏيندي آھي هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪير ڪاميابي حاصل ڪري ٿو ۽ ڪير شڪست قبولي احتجاج جاري رکڻ جو سلسلو جاري رکي ٿو ڇوته اسان وٽ ڪوبه شڪست جا نتيجا قبولڻ لاء تيار نه هوندو آھي اسان کي رڳو ڪاميابي گهرجي پوء ڀلي عوام ووٽ ڏئي يا نه ڏئي پر اسان کي اقتدار گهرجي اسان عوام جي ووٽ کي ڪابه اهميت نه ڏيندا آھيون عوام به رونشي ڪوڏيو آھي ۽ ٻئي پاسا نچندو ڪڏندو رهندو آھي ۽ ڦلاڻو جيئي ۽ ڦلاڻو مري وارو نعرو هڻي ٻنهي کي خوش ڪندو آھي هاڻي جڏهن اقتداري ڌريون آزمائجي چڪيون آھن پوء پي پي هجي يا نواز ليگ پي ٽي آئي هجي يا ڪا ٻي وڏي پارٽي هجي جنهن جنهن به عوام جي دردن جي دوا ڪئي آھي تنهن کي ڪامياب ڪيو وڃي جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اسان ڪرپشن کان پوء خودڪش حملن جي ور چڙهي وينداسين ۽ ملڪ جو خدا ئي حافظ ھوندو
****

اي پيپر