سي پيڪ منصوبي کي هر ممڪن سيڪيورٽي ڏني ويندي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) مراد علي شاهه جو چيو آهي ته ” سي پيڪ“ بيحد اهميت تي ٻڌل آهي، منصوبن جي تعمير دوران جيڪو گهر وچ ۾ ايندو ان کي متبادل گهر بڻائي ڏينداسين. وڏي وزير جي صدارت هيٺ سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو، مراد علي شاهه چيو ته سي پيڪ کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي. سي پيڪ منصوبي جي لاءِ قائم ڪيل اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن جي سربراهه ميجر جنرل عابد رفيق پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس الرٽ رهي ته بهترين فرض انجام ڏئي سگهي ٿي جڏهن ته اسان جي فورس به سي پيڪ تي سيڪيورٽي ڏيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *