پنوعاقل(رپورٽ سجاول سومرو) پنوعاقل شھر غوثيا پيٽرو ل آڏو موبائيل شاپ تان گرفتار ڪيل ٻن نوجوانن مان ھڪ ڄڻي عرفان چاچڙ کي پوليس سکر نيو پنڊ ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو مقابلو ڏيکاري ٽنگه ۾ گولي پوليس مقابلي ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي،جڏھن ته ھن سان گڏ گرفتار ڪيل ٻي نوجوان نديم کي سول جج پنوعاقل غلام مرتضٰ ميتلو پنوعاقل ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي ھٿ ڪيو، ايس ايڇ او پنوعاقل کي اڄ رڪارڊ سميت عدالت آڏو پيش جو حڪم رپورٽ موجب؛ ايس ايڇ او پنوعاقل نور محمد ابڙو ڪالھ صبح جو سوير شھر جي غوثيا پيٽرول پمپ جي سامھون موبائيل شاپ تان شھر جي عنايت ڳوٺ محلي جي ٻن نوجوانن عرفان چاچڙ ۽ نديم چاچڙ کي گرفتار ڪيو، ھڪ ڄڻي عرفان چاچڙ کي گرفتاري بعد سکر منتقل ڪيو ويو، جنھن کانپوءِ مجھند ڌاري عنايت ڳوٺ جي چاچڙ برادري جي ڳوٺاڻن غلام محمد چاچڙ، شمن چاچڙ، اسد اللھ، عباس، عبدالرحمان، حاجي عبدالڪريم چاچڙ جي اڳواڻي ۾ پنوعاقل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪندي واضح ڪيو ته ايس ايڇ او پنوعاقل صبح جو سوير اسان جا ٻه نوجوان گرفتار ڪيا،جن مان ھڪ ڄڻي کي سکر منتقل ڪري نيو پنڊ ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو مقابلو ڏيکاري ٽنگه ۾ گولي ھڻي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي، جڏھن ته اسين ايس ايڇ او پنوعاقل نور محمد ابڙو ۽ سندس ٻن واٺن پوليس اھلڪارن ياسين ڪورائي ۽ ممتاز ڪورائي ۽ ٻين کي ذميدار سمجھون ٿا،جن ناحق گوليون ھڻي نوجوان کي زخمي بڻايو آھي،نوجوان عرفان جي چاچي شمن چاچڙ ۽ ويجھي عزيز عبدالرحمان چاچڙ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته ھن کان ٻه ھفتا اڳ به ايس ايڇ او پنوعاقل عرفان چاچڙ کي گھر مان کنڀي کڻي پنجن ڏينھن تائين سکر جي مختلف ٿاڻن تي رکڻ کانپوءِ ٻه لک روپين عيوض آزاد ڪيو ھو،جنھن جي پٽيشن سکر جي ھاءِ ڪورٽ ۽ اينٽي ڪرپشن جي اسپيشل جج وٽ ھلندڙ آھي.ھوڏانھن سول جج پنوعاقل غلام مرتضٰ ميتلوءُ پنوعاقل ٿاڻي ۾ ڇاپو ھڻي غلام محمد چاچڙ جي پٽيشن تحت سندس ناحق باندي بڻايل پٽ نديم کي آزاد ڪرائيندي ايس ايڇ او پنوعاقل کي اڄ عدالت آڏو رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو پابند ڪيو،واضح رھي ته نيو پنڊ پوليس جڙتو مقابلي ۾ زخمي بڻايل نوجوان کي سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪري پولي جي پھري ھيٺ رکيو ويو آھي ۽ مٿس نيو پنڊ ٿاڻي تي اھڙو مقابلي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف عرفان چاچڙ جا سوين عزيز پنوعاقل پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪرڻ بعد سکر پريس ڪلب مظاھر ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا.