نصيرآباد ( رپورٽر) ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيندڙ سنڌ جو عوام بي يارو مددگار ڇو سنڌ ۾ خوشحالي ترقي تعليم صحت روزگار ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ۽ آدمشماري جي جاڳرتا مهم لاءِ قومي عوامي تحريڪ پاران ٿيندڙ مارچ جي جاڳرتا مهم جي سلسلي جي حوالي سان قومي عوامي تحريڪ جو قافلو نصيرآباد پهتو، نصيرآباد پريس ڪلب ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور سومرو رابطا سيڪريٽري مرتضا جوکيو ميڊيا سيل شاويز سلمان ڪلچر سيڪريٽري عنايت تنيو سنڌ سچاڳ تحريڪ جو مرڪزي صدر عدنان بروهي لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر جميل ميمڻ ۽ اسد سنڌي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ خوشحال آهي سنڌ هن وقت 70 سيڪڙو روينيو ملڪ کي ڏيڻ باوجود سنڌ جو عوام سورن ۾ آهي ملڪ جي ادارن کي ڪرپٽ حڪمرانن تباهه وبرباد ڪري ڇڏيو آهي سنڌ ۾ ڪرپشن جو راڄ آهي هنن چيو سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء مارچ ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ سنڌ جي خير خواهن کي شامل ٿيڻ جي اپيل ڪري رهيا آهيون هنن چيو ته اسين سنڌ جي رهندڙ بروهي بلوچ ڪڇي مارواڙي برادري کي اپيل ٿا ڪريون ته ايندڙ آدمشماري ۾ هو ٻولي جي خاني ۾ سنڌي لکرائي پنهنجو قومي فرض ادا ڪن