ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداريءَ جي ڏيهه ورڻ کان پوءِ سياسي ميدان ۾ هڪ اٿل پُٿل ۽ مانڌاڻ مَتل آهي، شروع کان ئي جڏهن آصف علي زرداريءَ پيپلز پارٽيءَ جون واڳون سنڀاليون هيون تڏهن کان پ پ پ جي شريڪ چيئرمين جو موٽو ۽ مقصد رهيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ مان ناراض ٿي ويندڙ اڳواڻن کي واپس موٽايو وڃي، ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽيءَ جي تصديق ٿيل ۽ اندرين ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جا پراڻا ورڪر ۽ اهم اڳواڻ واپس اچي رهيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو اڳوڻو گھرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، نواز ليگ جو پراڻو ورڪر ۽ سينيئر سياستدان مخدوم جاويد هاشمي، پيپلز پارٽي ڇڏي تحريڪ انصاف جوائن ڪندڙ شاهه محمود قريشي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳوڻو سينيٽر سيد فيصل رضا عابدي جي واپس پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن، ان کان اڳ انهن ئي ذريعن نبيل احمد گبول ۽ عرفان الله مروت جي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جون اڳڪٿيون پڻ ڪيون هيون جيڪي سچ ثابت ٿيون.36