اي سي او اجلاس سان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جون راهون کلنديون: اعزاز چوڌري

 اسلام آباد(بيورو) معاشي سهڪاري تنظيم (اي سي او) ڪانفرنس پهرين مارچ تي اسلام آباد ۾ ٿيندي. ان حوالي سان سينيئر عملدارن (ايس او ايم) جو اجلاس آچر ڏينهن هتي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري جي صدارت ۾ ٿيو. ايس او ايم جي اجلاس کي خطاب ڪندي اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان تنظيم جي ميمبر ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو جنهن سان گڏيل تعاون ۽ واپاري رابطن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. هن چيو ته اي سي او سان روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، رابطن ۾ بهتري ۽ خطي جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو استقبال ڪندي اعزاز چوڌري چيو ته هلندڙ سال ڪانفرنس جو موضوع نه رڳو اي سي او جي ميمبر ملڪن پر پوري خطي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ ان سان واڳيل ٻين سمورن لنگهن سان نه رڳو پاڪستان ۽ چين ۾ خوشحالي ايندي پر ان سان خطي جا ٻيا ملڪ به فائدو کڻندا. هن چيو ته پاڪستان مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان چاهي ٿو ڇو ته خطي ۾ امن امان لاءِ افغانستان جو پرامن ۽ مستحڪم هجڻ بنيادي ضرورت آهي. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته اي سي او اجلاس سان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جون راهون کلنديون. ان کان اڳ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خليل ابراهيم ڪانفرنس جي ايجنڊا پيش ڪئي ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي گذريل اي سي او اجلاس جا منٽس پڻ فراهم ڪيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *