لاهور(م ڊ) وزير اعظم نواز شريف لاهور ۾ پي ايس ايل جو فائينل ميچ ڪرائڻ لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف کي ادارن سان ملي ڪري سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ان تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، وزير اعظم نواز شريف پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران پاڪستان سپر ليگ جو فائينل ميچ لاهور ۾ ڪرائڻ جو گرين سگنل ڏيندي چيو ته وزير اعليٰ پنجاب سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ملي ڪري بهترين سيڪيورٽي پلان ڏنو وڃي ته جئين پاڪستان جي عوام کي غير ملڪي رانديگرن ٻهير پنهنجي ملڪ اندر ڪارڪردگي ڏيکاريندي نظر اچن.