ننڍي شهر جا وڏا ماڻهو

February 27, 2017 at 5:45 am

حسيب ناياب منگي
سنڌ جي علمي ۽ ادبي سياسي ۽ سماجي خدمت ۾ سٺي ساک رکڻ وارن مشهور شهر جي هڪڙي سُڃاڻپ اها به آهي ته سندن گهٽي گهٽي تاريخ ۽ تاريخي ماڻهن سان ڀريل رهندي آهي. سنڌ جا ڪي گهڻا شهر اهڙي سبب ڪري جڳ ۾ مشهور ٿي چُڪا آهن. شڪارپور جو ئي مثال وٺون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين هن شهر جو واپار ڦهليل هو. ٻاهران سيٺ ڪمائي ايندا هئا ۽ هتي خير جي ڪمن ۾ خرچ ڪندا هئا. انسانيت جي خدمت انهن لاءِ عبادت کان گهٽ نه هئي. علم ۽ ادب جي شمع ۽ سياست جا ڏيئا جهڙي نموني شڪارپور مان ٻريا تن جي روشنيءَ جو اڄ تائين ڦهلاءُ جاري آهي. حڪمت ۾ به هي شهر ۽ هن شهر جا ويڄ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. اڳي ڊاڪٽرن جي ته ڪو ڪاڻ ئي نه ڪڍندو هو، حڪيم ۽ طبيب ڦڪين ۽ عرقن مان اهڙا ته ڪرشما ڏيکاريندا هئا جو اهي ڪرشما معجزن کان گهٽ نه هوندا هئا.
اهو به ڪو دور هيو جو شڪارپور سميت سنڌ سموري ۾ به انسان ذات کي اهميت حاصل هوندي هئي. هاڻي ته دهشتگرديءَ جي حملي کانپوءِ انساني هڏيون به پورڻ بدران اُڇلايون ٿيون وڃن. لالچ، بُک ۽ حوس اسان جي ثقافتي ۽ مذهبي روايتن مٿان ڄڻ ڪو تيزاب هاري ڇڏيو هجي. شڪارپور کي جڏهن اسان پنهنجي سانڀر وارن ڏينهن ۾ اکين سان ڏٺو تن ڏينهن ۾ شهر اندر جتي به ڪنهن کي ڪو ڌڪ لڳي، ڳوڙي يا ڦٽ ۽ ڦرڙي هجي، ڪن جو سور هجي يا ٻڌڻ ۾ ڪا دشواري سو ذري گهٽ سڀني کي ڊگري يافته ڊاڪٽرن بدران انبومل ياد ايندو هو. هو ڊاڪٽر نه هيو نه ئي وري ڪو لاهور جي طبي ڪاليج مان ڪا سند ورتي هئائين پر ديوان اُتم چند کان جيڪو سکيو هيائين، سو سڀني کي خوش ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو هو. مون جي اکين آڏو سندس ملم پٽي وارو مطب اڄ به ڦري رهيو آهي. انبومل قد جو پورو، اڇو اُجرو، صاف ڪپڙا پائي، اڪثر ڪري سياري ۾ اُن جي پائيندو هو. گول چشمو هُن جي اکين تي چڙهيل هوندو هيو. صفائي پسند هوندو هو، ملم پٽي سان مرض ڇٽائڻ ۾ هن جي ذهانت ايتري هوندي هئي جو مرض ڏسي يا ٻُڌي اندازو لڳائيندو هو ته مون وٽ علاج ممڪن آهي يا نه! انبومل وٽ مريض پهتو ته ٽن ڏينهن اندر شفا ملي ويندس.
سنڌ ماضيءَ ۾ اهڙن ڪردارن سان ڀري پئي هوندي هئي، ممڪن آهي ته هاڻ به ڪو اهڙو هجي پر ميڊيڪل سائنس جي ترقي اسان جو اهڙي علاج تان ويساهه ئي اٿاري ڇڏيو آهي. انبومل جي مهارت جا ڪيترائي ڪرشما مون پنهنجي اکين سان ڏٺا. هن وٽ نه ايڪسري جي ضرورت هوندي هئي نه ئي ڪو ٽيسٽ ڪرائي وٽس ويندو هو، پوءِ به انبومل پنهنجي تجربي جي بنياد تي اهڙا ڪرشما ڪري ڏيکاريندو هو جو شهر جا گهڻا ماڻهو ڊاڪٽرن جي پڙ پوڻ ئي نه چاهيندا هئا.
شڪارپور ۾ انبومل جو جنم 14 آگسٽ 1939ع تي ٿيو، پتا ڪشنچند ۽ ماتا جي پرورش ۽ تربيت کيس انسان دوست بڻايو. شڪارپور جي صوفياڻي ماحول ۾ نپيو ۽ صوفين جي صحبت اختيار ڪيائين. سنڌي فائنل پاس هو. هن جي واتان ڪڏهن ڪڏهن اهڙا گفتا ٻڌندا هئاسين جو لڳندو ئي نه هو ته ڪو سنڌي فائنل آهي.
انبومل جي اها عادت هوندي هئي ته هو هر روز صبح جو سوير گهران نڪري پکين ۽ جانورن جي کاڌي ۽ پيتي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه کڻي ڪري پوءِ پوڄا پاٺ ڪري مطب تي اچي ويهندو هو. پهرين جنوري 1968ع کان هاٿيدر تي مطب هلائڻ شروع ڪيائين. پنجيتاليهه ورهيه دوڪان تي رهيو، پر پنهنجي ماٺيڻي طبعيت ۽ تجربي سبب واهه جو نالو ڪمايائين.
قرب، پنهنجائپ ۽ ايثار جي جذبي سان سرشار انبومل شڪارپور ۾ 27 فيبروري 2003ع تي هميشه لاءِ اکيون ٻوٽيون. حقيقت اها آهي ته اڄ انبومل تڏهن ئي ياد اچي رهيو آهي جو هن وٽ لالچ نه هئي. لالچ جا جراثيم اگر هن کي وڪوڙي وڃن ها ته گهڻو ڪجهه ٺاهي وڃي ها. پر ”دنيا جي ڌن ۽ دولت ڪنهن ڪم جي نه هوندي آهي” وارو سبق ياد رکي هو خدمت ڪري ويو. سچ چيو اٿن ته ڪردار ڪڏهن مري ناهي سگهندو.

اي پيپر