سنڌي سماج جو نڪتل ڏيوالو ۽ سنڌي اديب!!!!!

February 27, 2017 at 5:45 am

تحرير :سيد محرم شاه
سڄاڻ قومن جي اها نشاني هوندي آهي ته اهي پنهنجي قومي ورثي ، تهذيب ۽ ثقافت جي تحفظ لاءِ هميشه بيدار ۽ ڪوشان رهنديون آهن . ۽ دنيا ۾ پنهنجي ممتاز حيثيت کي برقرار رکڻ سانگي هميشه دورانديش فڪر سان سلهاڙيل هونديون آهن . ڇاڪاڻ ته ٿوري غفلت ۽ بي توجگي قومن کي نست و نابود ڪريو ڇڏيندي آهي تاريخ شاهد آهي ته ڪيئي قومون اهڙي غفلت سبب دنيا جي صفن تان غائب ٿي چڪيون آهن . قومن ۾ اهڙي سوچ پيدا ڪرڻ لاءِ سماجي شعور جو ڦهلاءُ انتهائي لازمي سمجهيو وڃي ٿو جنهن تحت اعلى انساني قدرن کي زنده رکڻ لاءِ اڪسايو ويندو آهي . ته جيئن قومن جا عام فرد پنهنجي قومي ورثي کان صرف واقفيت رکن پر هميشه اهڙي ورثي جي حفاظت لاءِ پڻ جوڳا قدم کڻندا رهن . ان سموري احساس ذميواريءَ جو سهرو قومن جي انهن فردن ڏانهن وڃي ٿو جيڪي تخليقي ذهن رکندا آهن يعنى قومن جو ادب تخليق ڪندا آهن انهن جي شعور جي آگاهي جو سبب يا ذريعو بڻبا آهن . اهي بي شعورن لاءِ روشني جو سبب هوندا آهن اهي سماج ۾ پيدا ٿيندڙ براين خلاف آواز هوندا آهن انهن براين جو حصو نه بڻبا آهن .تڏهن اهو پڻ لازم ٿي پوي ٿو ته اهڙا تخليقي ذهن تعمير ساز هجڻ سان گڏ اعلى ظرفن جا مالڪ هجن ۽ بااصول هجڻ سان گڏ بي لوث پڻ هجن . انهن جي خدمت ۾ ڪو به غرض پوشيده نه هجي . ڇاڪاڻ ته قومن جي مهنداري اهو ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو اعلى ظرف وارو فرد هجي ۽ لوڀ لالچ کان پاڪ هجي .موجوده سنڌي سماج تي يا سنڌي قوم ڏانهن طائرانه نظر ڦيرائجي ٿي ته حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي نطر اچي ٿي . سنڌي قوم پنهنجي شاندار تهذيب جي تسلسل کان ڪوهين ڏور نظر اچي ٿي ، حالت ترقي بجاءِ تنزل جي نشاندهي ڪري پئي . اهڙي سماجي ڏيوالپڻي جا ڪارڻ ڳولهڻ جڏهن شروع ڪجن ٿا ۽ سماج جي ٻن اهم فردن هڪ اديب ٻيو سياست دان کي ڏسجي ٿو ته عام شعور جون وايون بتال ٿيو وڃن ٿيون ۽ دماغ لاٽوءَ جيئن ڦيريون پائيندي گھوماٽجي وڃي ٿو .۽ واٽون ويهه نطر اچن ٿيون . باشعور قومن ۾ اديب صف اول جو رڪن سمجهيو وڃي ٿو جن جي ڏسيل واٽن تي سياستدان به پنهنجي ذهن سازي ڪري ٿو ۽ قوم لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جهڙو بڻجي ٿو . پر بدقسمتيءَ سان پوين ٽن ڏهاڪن کان سنڌ جو اديب جيترين اخلاقي بيمارين ۾ وچڙيل رهيو آهي ڄڻ ته ڪو لاعلاج مريض بيڊ تي موت جو انتظار ڪندو هجي . بيمار ذهن نيٺ ڪهڙيءَ ريت قوم جي مهنداري ڪري سگهي ٿو؟؟ عام نظر اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته سنڌي اديب شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري واقعي کان وٺي هن وقت تائين رياست جو پُڇُ لٽڪائو بڻيل رهيو آهي . ڪرسيءَ جي آرزو سنڌ جي اديب جي تعميري سوچ کي مڪمل تخريبي بڻائي ڇڏيو آهي . اهڙو اديب هر مهل اهو سوچي رهيو آهي ته ڪهڙي ريت سڻڀي عهدي تان فلاڻي اديب کي نااهل قرار ڏيارجي ۽ پاڻ کي ان عهدي جي قابل قرار ڏيارجي . اهڙي نيچ مقصدن سبب سنڌ جي اديبن وٽان اعلى مقصدي سوچ سائيبريائي پکين جيان اڏامي وئي آهي جنهن ڪري قومن ۾ ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو درس ڏيندڙ اديب پاڻ گروپ بندين جو شڪار ٿي چڪو آهي . اهڙي گروپ بنديءَ اديبن جي سوچ کي مڪمل سينواري ڇڏيو آهي . جيڪو سوشل ميڊيا تي ته هاڻ ڌپ ڪري چڪو آهي . سنڌي اديب گروپن سان پريشر گروپ جوڙي ادارن ۾ بليڪ ميلنگ جي بازار کي پڻ گرم ڪري ڇڏيو آهي . هڪ اديب پنهنجا ذاتي مقصد ماڻڻ لاءِ سکرتعليمي بورڊ جي ساک ايترو ته لويو جو جڏهن سکر بورڊ انتظاميه اداري جي ناموس ۽ حرمت جي پاسداري ڪندي جڏهن ان اديب کي ڳالهين جي آڇ ڪئي ته هن پنهنجون دلي مرادون انهن آڏو آڻي رکيون ته ڳالهين واري ڪاميٽيءَ سندس ڪابه مراد پوري نه ڪرڻ جو چئي ڇڏيو جنهن بعد اهو اديب روز بهتان گھڙي صحافي دوستن کي خبرون شايع ڪرڻ جون منٿون ڪندو رهيو ڪوڙا احتجاج رڪارڊ ڪرائي سکر تعليمي بورڊ کي بليڪ ميل ڪندو رهيو .۽ پاڻ مرادو اهڙا پڻ بيان جاري ڪيائين ته سکر بورڊ خلاف اعلى سطحي انڪوائري رکائڻ ۾ هُو ڪامياب ويو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانه هئي پر هو پاڻ سکر بورڊ وٽان نامراد ٿي موٽيو هو ان اديب جي اديب حلقي ۾ وري ايترو ناموس هو جو سموري سنڌ جي ڪنهن سنجيده اديب سندس اهڙي جڙتو احتجاج جو پاڻ کي حصوٿيڻ نه ڏنو .نيٺ هن پاڻ ساڙڻ جابيان پڻ جاري ڪيا ۽ وري ارادا پاڻ مرادو ي ترڪ ڪري ڇڏيا. اهو ساڳيو اديب اڳ پڻ خيرپور اسپتال جي هڪ نرس کي دوستي رکڻ لاءِ پنهنجي هڪ اديب دوست جيڪو ڊاڪٽر پڻ آهي ان جي مدد سان بيماري جو ڪوڙ گھڙي اسپتال داخل ٿيو ۽ ان نرس کي دوستيءَ لاءِ هرکائڻ لڳو ان غيرت مند ۽ شريف النفس نرس نيٺ مجبور ٿي پنهنجي ڊيوٽي ٻئي وارڊ ۾ تبديل ڪرائي تڏهن وڃي جڙتو بيماراسپتال جو بيڊ خالي ڪيو . اهڙي چچڙ عاشق اديب جو جنون ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪنهن اديب هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش گوارا نه ڪئي جنهن سبب هن مزيد ان نرس کي بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ شاعريءَ جو ڪتاب شايع ڪرائي ڪتاب جو انتساب ان نرس سان منسوب ڪيو ۽ ڪتاب جون سوين ڪاپيو ن اسپتال ۾ مفت ورهايون .پر هو اتان به نامراد رهيو ، پنهنجي ذهني گند کي صاف ڪرڻ بجاءِ هن خودڪشيءَ جو ڊرامو رچايو جيڪا پڻ هڪ منظم رٿا بندي تحت هئي ، جنهن جي پلاننگ هن کي هڪ اديب دوست ئي ڏني هئي جيڪو تازو اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان منافقيءَ جي اعلى سند وٺي آيو هو . ان کيس ننڊ جون گوريون کائي خودڪشيءَ جو ڊرامو رچائڻ لاءِ اڪسايو ، هن رٿا ۾ ڦوٽو گرافيءَ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو هو جيڪو اخبار ۾ شايع ڪرڻ لاءِ سندس بي حد اسرار هو ۽ اهو صحافي سڳورن پورو پڻ ڪيو . سندس خوڪشيءَ جي منظم رٿا ڪجهه هيئن هئي ته هن ڏهاڙي ننڊ جو ن گوريون کائڻ شروع ڪيون جنهن جي شروعات ٻن گورين کان شروع ڪئي پوءِ ٽي گوريون کاڌائين نيٺ هڪ ڏينهن ڏهاڪو کن گوريون ڦڪي وڌائين . جيئن ته هن پنهنجي معدي کي ننڊ جي گورين جو عادي بڻائي ڇڏيو هو تنهنڪري کيس هلڪا گھيڙٽ ئي مَسَ آيا باقي سندس اداڪاري جا ڪمال جوهر ڏسڻ وٽا ن هئا . سو اها آهي اسان جي اديب جي حالت !! هاڻ اهو اديب قوم جي مهنداري ڪندو ۽ کيس دڳ لائيندو . ذاتي مفادن جي حاصلات جي نشي ۾ چُور سنڌ جو اديب جڏهن غفلتن ۾ غرق آهي ته سياستدان جي سوچ ته هوندي ئي اديب جي هٿ ۾ آهي . ڇوته اديب قوم جي ترقيءَ جو تصور پيش ڪندڙ هوندو آهي جڏهن ته سياستدان ان تصور کي حقيقي روپ ڏيندڙ آهي . لمحه فڪر نقطو هي آهي ته لالچ ، لوڀ ،مطلب پرستي ۽ خود غرضيءَ جيڪو تصور سنڌ جو اديب پيش ڪري ٿو ان تصور جي هوبهو حقيقي روپ سنڌ جي سياستدان وٽ موجود آهي .هاڻ جيڪي به سنڌ جي سياستدان ۾ اخلاقي بيماريون آهن انهن جو تعمير ڪندڙ سنڌ جو اديب نه آهي ڇا ؟؟؟
****

اي پيپر