اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو ٻيهر ذيلي ڪميٽي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اسپيڪر اياز صادق چ/يو ته ڪميٽي عدالتن جي مدي ۾ واڌ بابت آئيني ترميم جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيندي، عدالتن جو مدو ۳ سال هوندو يا گهٽ، ان بابت به فيصلو ڪميٽي ڪندي. اياز صادق چيو ته ذيلي ڪميٽي سموري جماعتن جي مشوري سان آئيني مسودي تي غور ڪندي. پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته فوجي عدالتن جي مخالفت ڪريون ٿا پر مجبوري سبب ٻن سالن تائين فوجي عدالتن جي حمايت ڪئي هئي، جنهن ۾ ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته هاڻي جيڪڏهن حڪومت کين مطمئن ڪيو ته پوءِ حمايت ڪري سگهجي ٿي پر حتمي فيصلو پارٽي قيادت ڪندي. نويد قمبر چيو ته حڪومت جي رويي سبب پيپلزپارٽي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو، پر اسپيڪر اياز صادق جي خاطري بعد اجلاس جو بائيڪاٽ ختم ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اڪثر جماعتن فوجي عدالتن جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ۽ حڪومت ۳ سال واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير زاهد حامد، مشاهد الله خان، اسحاق ڊار، فاروق ستار، سينيٽر طلحه محمود شيخ، صلاح الدين، غلام احمد بلور، صاحبزاده طارق الله، شيرين مزاري، عثمان ڪاڪڙ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.