اسلام آباد(بيورو) پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي ملڪن جي لاءِ گڏيل دشمن آهي. پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. دشمن افغانستان جي سر زمين کي پاڪستان جي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته دشمن افغانستان جي صورتحال جو فائدو کڻي پاڪستان ۾ امن مخالف سرگرميون ڪري رهيا آهن. وزير اعظم دهشتگردي خلاف جنگ کي سڄي عزم سان وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي، افغان سفير به پرڏيهي صلاحڪار سان ملاقات ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو يقين ڏياريو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ڀارت جي پاڪستان ۾ دهشتگردي هر زبان تي عام آهي ۽ والاريل ڪشمير ۾ به ڀارت ظلم ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيون جاري آهن.