بلوچستان اندر دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام ڪيو آهي: آءِ ايس پي آر

ڪوئيٽا(م ڊ)  ايف سي بلوچستان ۽ ڳجهن ادارن پاران گڏيل آپريشن “ردالفساد” ڪندي بلوچستان اندر وڏو دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائيندي بلوچستان کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو آهي، آءِ ايس پي آر موجب ايف سي ۽ ڳجهن ادارن بلوچستان جي علائقي لورا لائي ويجهو ڪلي شاهه ڪاريز ۾ ٽارگٽيڊ آپريشن “ردالفساد” ڪيو، ڪارروائي دهشتگرد ڪمانڊر وهاب ذخبيل ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الاحرار ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي نيٽ ورڪ خلاف ڪئي وئي، آپريشن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن ۲۳ بارودي سرنگهون هٿ ڪيون، جن سان پابندي مڙهيل تنظيم پاران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ لورا لائي يونيورسٽي جي شاگردن جي گاڏين تي حملو ڪرڻ جو امڪان هو، پر پاڪ فوج وقت سر ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *