آءِ جي سنڌ لاهور ڌماڪي کان پوءِ صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

ڪراچي(م ڊ) آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا لاهور ۾ ٿيل ڌماڪي کان پوءِ سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  اي ڊي خواجا پاران صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪندي هن چيو ته سيڪيورٽي پلان تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي، سمورا ڊي آءِ جي سيڪيورٽي جي نگراني پاڻ ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ۽ ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن. شڪي شخص کي ڏسندي پوليس کي اطلاع ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *