تعليم واري وزير جي صدارت هيٺ اجلاس، 1100 نئين شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي منظوري

ڪراچي(هه آ)  بورڊ آف ٽرسٽيز برائي انڊومنٽ فنڊ تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اجلاس ۾ تقريبن 1100 نئين شاگردن لاءِ اسڪالرشپ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس جي صدارت ڪندي تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر ٻڌايو ته اڄ تائين 10086 شاگرد  ۽ شاگردياڻين کي 1150 ملين روپيا انڊومنٽ فنڊ جي ڏس ۾ ڏنا ويا آهن ۽ هن وقت به تعليم کاتي وٽ 523 ملين روپيا انڊومنٽ فنڊ جي ڏس ۾ موجود آهن. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليجز ڊاڪٽر رياض ميمڻ، ايڊيشنل سيڪريٽري انڊومنٽ فنڊ نسيم الغني سهتو ۽ يونيورسٽين جا وائيس چانسلر به موجود هئا. صوبائي وزير ٻڌايو ته انڊومنٽ فنڊ 3-2002 ۾ 200 ملين روپين جي لاڳت سان جاري ڪيو ويو هو ۽ اهو فنڊ مستحق ۽ اهل شاگردن کي پروفيشنل تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيو ويندو آهي. اجلاس ۾ انڊس ميڊيڪل ڪاليج ٽنڊومحمد خان لاءِ 15 سيٽون رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو اجلاس ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ نوڪري ڪندڙ ملازمن جي ٻارن ۽ ٻارڙين لاءِ آمدني جي حد 12 لک روپيا ساليانو مقرر ڪئي وئي ته جيئن 12 لک تائين سالياني تائين ڪمائيندڙ والدين جا ٻار انڊومنٽ فنڊ لاءِ اهل قرار ٿين. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو انڊومنٽ فنڊ لاءِ اپلائي ڪندڙ نئين اميدوارن لاءِ جلد انٽرويوز منعقد ڪيا ويندا ۽ ترجيحي بنيادن تي غريب ۽ اهل شاگردن کي انڊومنٽ فنڊ جاري ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجو تعليمي ڪئريئر جاري رکي سگھن. صوبائي وزير تعليم ۽ خواندگي ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته تعليم کاتي ۾ مستحق ۽ اهل شاگردن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون سمورا فيصلا ميرٽ جي بنياد تي ڪيا پيا وڃن ۽ سمورن معاملن ۾ شفافيت کي برقرار رکيو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *