پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل، سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو
February 23, 2017 at 8:40 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد؛ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ، پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا آهن ته هـِي اهو ڪيس ناهي جنهن ۾ مختصر حڪم ڏنو وڃي،ڪيس جي سمورن رخن کي ڏٺو ويندو ۽ پوءِ تفصيلي فيصلو جاري ڪيو ويندو. جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ سـُپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري جوابي دليلن تي چيو ته گلف اسٽيل جون رهتون 63 ملين درهم کان وڌيڪ هيون پر ان متعلق ڪا وضاحت نه آئي، جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته شروعاتي دليلن ۾ اوهان اها ڳالهه نه ڪئي. نعيم بخاري چيو ته مريم نواز جي صحيح وارا دستاويز هن تيار ناهن ڪيا، جسٽس عظمت سعيد شيخ رمارڪس ڏنا ته اوهان مريم جي صحيح وارن دستاويزن کي درست قرار ڏيو ٿا جڏهن ته شريڪ ڪٽنب انهن دستاويزن کي جعلي قرار ڏئي ٿو. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏنا ته تڪراري دستاويزن کي ڇنڊڇاڻ کانسواءِ ڪيئن تسليم ڪيو وڃي؟ عدالت ۾ صحيح تي اعتراض هجن ته ماهرن جي راءِ ورتي ويندي آهي، ماهر عدالت ۾ بيان ڏين ته ان جي راءِ درست مڃي ويندي آهي. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏنا ته عدالت ٽرائل ڪورٽ ناهي جو اهو ڪم ڪري، نعيم بخاري چيو ته يوسف رضا گيلاني ڪيس ۾ عدالت ايئن ڪري چڪي آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته گيلاني ڪيس ۾ عدالت توهين عدالت جي درخواست تي فيصلو ڏنو هو، نعيم بخاري چيو ته هـِي به وزيراعظم جي انهن اثاثن جو ڪيس آهي جيڪي ظاهر نه ڪيا ويا. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏنا ته اهڙن دستاويزن کي ثبوت تسليم ڪري سگهجي ٿو،عدالت هميشا غير تڪراري حقيقتن تي فيصلا ڪيا،ڇا اسان قانون کان مٿانهون ٿي ڪم ڪيون؟عدالت پنهنجي فيصلن ۾ ڪيترائي قانون واضح ڪري چڪي آهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته عدالت بنيادي حقن جو معاملو ٻـُڌي رهي آهي، ڪيس ٽرائل جي نوعيت جو ناهي. نعيم بخاري طرفان جوابي دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شيخ رشيد دليل ڏيندي چي وته عدالت ٻڌڻي دوران 371 سوال پـُڇيا جن مان وڌيڪ جسٽس شيخ عظمت جا هئا، جواب نه ملڻ تي جج صاحب جو دل زخمي ٿيو،سندس صحتياب ٿيڻ الله تعاليٰ جو احسان آهي. شيخ رشيد چيو ته سندس ڪيس پهرين ڏينهن کان ئي صادق ۽ امين جو آهي، عدالت صادق ۽ امين جي ڪيترن ئي فيصلن ۾ تعريف ڪري چڪي آهي. شيخ رشيد چيو ته مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن تي ڇوٽ ناهي هوندي، نواز شريف جو بيان جيڪڏهن اسيمبلي جي ڪارروائي هجي ته تڏهن ئي ان کي استحقاق حاصل آهي،ذاتي وضاحت استحقاق جي زمري ۾ نه ٿي اچي.