ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف گڏيل آپريشن ٿيڻ گهرجي: عمران خان

پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف گڏيل آپريشن ٿيڻ گهرجي ڇو ته پنجاب ۾ ڪارروائي نه ٿيڻ جو اسان کي وڏو نقصان ٿيو آهي.  پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پشاور سانحي کانپوءِ سمورين سياسي پارٽين نيشنل ايڪشن پلان تي صحيح ڪئي هئي ان تحت ملڪ جي سمورن صوبن ۾ پوليس کي غير سياسي ۽ فعال ڪرڻو هو. هن چيو ته اسان کي فخر آهي ته خيبر پختونخواه جي پوليس غير سياسي آهي، پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف جيڪي ڪارروائي ٿيڻ گهرجن ها اهي نه پيون ٿيون. پنجاب ۾ آپريشن نه ٿيو جنهن جو اسان کي وڏو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته فاٽا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمزوري ڏيکاري، خيبر پختونخوا ۽ فاٽا کي ملائڻ جو منصوبو ضرب عضب جي طوري بعد شروع ٿيڻ گهرجي ها.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *