ن ليگ ميڊيا ۽ ٻين ادارن جي ڪڏهن به عزت ناهي ڪئي: مولا بخش چانڊيو

February 22, 2017 at 6:54 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(م ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته ن ليگ ميڊيا ۽ ٻين ادارن جي ڪڏهن به عزت ناهي ڪئي. سپريم ڪورٽ ٻاهران ن ليگ اڳواڻ انوشا رحمان طرفان صحافي سان بدسلوڪي جي مذمت ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو ته مسلم ليگ نواز جا اڳواڻ پاناما ڪيس جي ڪري وائڙا ٿي ويا آهن.  ن ليگ ميڊيا ۽ ٻئي ڪنهن به اداري جي عزت ناهي جڏهن ته عدالتن تي حملو ڪندڙ مان ڪهڙي چڱائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته بجلي واري وزارت سنڌ جي عوام سان ناانصافيون ڪري رهي آهي، حيسڪو ۾ ويٺل وائسراءِ ماڻهن کي الائي ڇا پيو سمجهي.

اي پيپر