حضرت لال شھباز قلندر جي درگاھ جي سيڪيورٽي کي موثر بنائڻ لاءِ پوليس جي نفري ۽ پوليس جي پيٽرولنگ ۾ اضافوڪيو پيو وڃي. ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد
February 22, 2017 at 6:50 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڄامشورو(ڊ ر) حيدرآباد ڊويزن جي نئين مقرر ٿيل ڊويزنل ڪمشنر ساجد جمال ابڙو چيو آھي ته حضرت لال شھباز قلندر جي درگاھ جي سيڪيورٽي کي موثر بنائڻ لاءِ پوليس جي نفري ۽ پوليس جي پيٽرولنگ ۾ اضافو، سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي تعداد کي وڌائڻ ۽ شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت سيڪيورٽي چيڪنگ ڪرڻ سميت ڪيترائي اپاءُ ورتا پيا وڃن، اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ درگاھ حضرت لال شھباز قلندر تي حاضري ڀرڻ ۽ دعا گھرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو،ان کان اڳ ڪمشنر حيدرآباد درگاھ جي اندر ڌماڪي واري ھند جو معائنوڪيو،ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مھيسر ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن افسوسناڪ سانحي بابت ڪمشنر حيدرآباد کي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني.ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته لال شھباز قلندر جي مزار تي ٿيل ڏماڪو انتھائي افسوس ناڪ آھي جنھن جي ڪري ڪيترن ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون اھن ھن چيو ته درگاھ جي سيڪيورٽي کي موثر بنائڻ لاءِ ملٽي ليئرڊ سيڪيورٽي جو نظام جوڙيو ويو آھي جنھن تحت درگاھ جي اندر ھر ايندڙ ويندڙ ماڻھو جي بھتر نموني چيڪنگ ٿي سگھي ٿي ۽ شڪي ماڻھن کي پري کان نظر ۾ رکي سگھجي ٿو.ھن چيو ته سيوھڻ شھر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پڻ سيڪيورٽي چيڪنگ جا جوڳا انتظام ڪيا پيا وڃن ۽ پوليس نفري جي تعداد ۾ اضافو ڪري گشت وڌايو ويند.ڊويزنل ڪمشنر جو چوڻ ھو ته ھن وقت مختلف جڳھين تي 40 سي سي ٽي وي ڪئميرائون نصب ٿيل آھن جن جي تعداد ۾ پڻ اضافو ڪيو ويندو.ھن چيو ته سيڪيورٽي جي حوالي سان پڻ ھڪ اعلي سطحي اجلاس ٿي چڪو آھي جاچ ۾ جيڪا به پيش رفت ٿيندي اھا ميڊيا جي سامھون آندي ويندي، ٽيڪنيڪل جاچ ٽيم مزار مان تمام شاھديون ھٿ ڪري پاڻ سان کڻي وئي آھي،ثبوتن جي بنياد تي تمام شين جو فارينزڪ ليبارٽري ۾ ٽيسٽ ۽ تجزيو ۽ ڊي اين اي ٽيسٽ پڻ ڪرايو پيو وڃي، ڊويزنل ڪمشنر وڌيڪ چيو ته جيستائين مڪمل سيڪيورٽي پلان نافذ نٿو ٿئي تيستائين ھڪ دروازي کان سواءِ باقي داخلي دروازا بند رکيا ويندا، شھر جا تمام گيسٽ ھائوسز ۽ مسافر خانن کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽ پوليس انھن جو رڪارڊ پڻ رکندي.ھن چيو ته سيوھڻ ڌماڪي ۾ دھشتگردي جي سھولت ڪاري جي حوالي سان ڪجھ پيش رفت ٿي آھي سھولت ڪاري جي حوالي سان ملڻ واري انفارميشن جي بنياد تي اسين انھن جي پويان آھيون ۽ جلد انھن تائين پھچي انھن ظالمن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائينداسين.