وفاقي گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن لاءِ رينجرز کي 60 ڏينهن جا خاص اختيار ملي ويا

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن لاءِ رينجرز کي 60 ڏينهن جا خاص اختيار ملي ويا، چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف جنگ ۾ قومي ايڪي جي ضرورت آهي، هـُو صوبن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ واري پاليسي تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ لاءِ پـُرعزم آهن. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايپيڪس ڪميٽي پنجاب طرفان صوبي ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي سفارش واري معاملي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ قومي سلامتي جي صلاحڪار ناصر جنجوعا، گهرو سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزارت پاران رينجرز کي پنجاب ۾ 60 ڏينهن لاءِ خاص اختيارن ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي جنهن موجب رينجرز پنجاب جي گهرو کاتي جي هدايت تي صوبي ۾ خاص هنڌن تي ڪارروائي ڪري سگهندي ۽ رينجرز کي اينٽي ٽيرر ايڪٽ تحت اختيار حاصل هوندا. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف جنگ ۾ قومي ٻڌيءَ جي ضرورت آهي ۽ ان حوالي سان هـُو صوبن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ واري پاليسي تي سختيءَ سان عمل ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پـُرعزم آهن. هن چيو ته رينجرز دهشتگردن خلاف پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي ۽ دهشتگرد توڙي انهن جا سهولتڪار جتي به هوندا انهن جو پيڇو ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ياد رهي ته لاهور ۽ سيوهڻ ۾ دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ پنجاب ۾ لڪل دهشتگردن خلاف رينجرز آپريشن جو مطالبو ڪيو پئي ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *