ساهتي پرڳڻي جو عظيم شهر پڊعيدن اڄ به بيواهو بڻيل!!!

February 22, 2017 at 3:52 am

وفا ولي محمد ڦل
نوشهروفيروز ضلعي جي اوڀر طرف 15 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي پڊعيدن قديمي شهر آهي هن شهر جا ٻه حصا آهن هڪ پراڻو پڊعيدن ۽ ٻيو پڊعيدن اسٽيشن ٻئي جاڙا شهر آهن پر بدقسمتي سان هي عظيم شهر تعليم جهڙي اعليٰ ادارن جي اڻاٺ سميت هر سهوليت کان وانجهيل آهي پڊعيدن شهر کي تعلقه جي حيثيت ڏيارڻ لاءِ پ پ ڪارڪنن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيترا ڀيرا مطالبا، مظاهرا ۽ ڌرڻا به هنيا ويا پر اڃا تائين سندن جو جائز حقيقي مطالبو پورو نه ٿو ڪيو وڃي. حالانڪه 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه چالاڪي ڪري پنهنجي ننڍڙي شهر ڀريا کي تعلقي جو درجو ڏياري پڊعيدن شهر جو حق ماري ڇڏيو هو. اها به حقيقت آهي ته ضلعي نوشهروفيروز کان ڀريا صرف 8 ڪلوميٽر جو مفاصلو آهي جڏهن ته پڊعيدن 15 ڪلوميٽر پري هئڻ سان گڏ تمام پراڻو مشهور ۽ پڊعيدن ريلوي جنڪشن ذريعي به سڄي ملڪ سان ڳنڍيل آهي. ان ڪري پڊعيدن جو عوام ضلعي کان گهڻو پري هجڻ ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي. پڊعيدن جي ٻنهي جاڙن شهرن ۽ آسپاس جي آدمشماري به پنجن لکن تائين پهچي چڪي آهي. پڊعيدن شهر ۾ هر سال ضلعي جو وڏي ۾ وڏو ميلو درگاهه پير جمن شاهه جو به مشهور آهي جتي 3 ضلعن جا ماڻهو ميلي تي هر سال اچن ٿا. پڊعيدن کان پير جمن شاهه وايه ڪوٽ لالو روڊ جي حالت به انتهائي خراب آهي. پڊعيدن کان ڦل شهر روڊ انتهائي خطرناڪ ۽ ناڪارهه بڻجي چڪو آهي. هاڻي ته ڦل پڊعيدن روڊ لاءِ سڄاڻ ڌرين حڪومتي نااهلي سبب اها ٽوڪ به مشهور ڪري ڇڏي آهي ته جنهن به غريب کي پنهنجي گهروارن جي ڊليوري ڪرائڻي هجي ته پڊعيدن کان ڦل يا ڦل وايه پڊعيدن تي رڪشه يا ڪار ذريعي کڻائي وڃي ته پاڻهي جهاڪن، ٿاٻن ذريعي ازخود ڊليوري بغير خرچ جي ٿي ويندي!!!. افسوس اها ڳالهه واقع حقيقت آهي ته چونڊيل نمائندن ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن کي شرم حياءُ اچڻ کپي. پڊعيدن ريلوي اسٽيشن هجڻ ڪري ترقي جي ميدان ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي پر هن جي شهر جي ڪير به سچائيءَ سان مالڪي ڪرڻ لاءِ آخر تيار ڇو ناهي. پڊعيدن شهر جي هيءَ به هڪ خوش قسمتي آهي جو هتي جيئي سنڌ قومي محاذ جو ڳڙهه آهي ته ان جي مخالف ۾ پنجابي، مهاجرن جو به ريلوي جنڪشن هجڻ ڪري چڱو خاصو آدمشماري جو حصو آهي. پڊعيدن شهر ٻاهران 50 سال پهريائين جهازن جو ايئرپورٽ هو جيڪو بعد ۾ معطل ڪيو ويو آهي ۽ هينئر ته شهر جي وڏي آبادي هجڻ ڪري عوام توڙي سموري ضلعي جي خواهش آهي ته پڊعيدن جو “پراڻو جهازن وارو پٽ” يعني هوائي اڏو بحال ڪيو وڃي. پڊعيدن ۾ ڪافي سال اڳ موسميات کاتي جي آفيس به هئي جيڪا به معطل ڪئي وئي، افسوس الائي ڇو هتي اُبتو چرخو چلايو پيو وڃي. جتي پهريائين آبادي بلڪل گهٽ هئي تڏهن هي سڀ سهولتون ميسر هيون ۽ هاڻي 30 سالن دوران پڊعيدن جيڪا چوڻي پنجوڻي ترقي ڪئي آهي ته هاڻي ان کان هي سڀ ادارا کسيا ويا آهن جيڪا پڊعيدن جي عوام سان سراسر زيادتي آهي!!!!. پڊعيدن جي وڏي ڳوٺ چيهو ۾ راڄپر برادري جا قومي سردار خالد ميان راڄپر جن پنهنجي سرداري توڙِ زمينداري هوندي به پنهنجي شهر پڊعيدن توڙي راڄپر برادريءَ جي عوام جي مسئلن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. پڊعيدن، ڦل روڊ، ڀرياروڊ، ڪلهوڙا، فيض گنج، ڏنگيجه، پيرصادق، اڳوڻو ڊي سي او هدايت راڄپر، رئيس ملهار خان راڄپر سميت پنج لک آدمشماري صرف ئي صرف راڄپر برادري جي آهي ۽ هتان جو چونڊيل صوبائي ميمبر ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر صاحب به هن ئي علائقي جو آهي مگر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته الله جي مهرباني سان ايڏي وڏي طاقتور برادري هوندي به پنهنجي عوام ۽ شهرن کي ننڌڻڪو ڪيو ويو آهي. پڊعيدن وايه ڦل روڊ جا ته ڪيترا دفعا ٽينڊرن ذريعي فنڊ به آيا پر اهي به هڙپ ڪيا ويا. ڊاڪٽر عبدالستار صاحب به صرف پڊعيدن اسٽيشن ۽ پنهنجي علائقي ڀرياروڊ ۽ ڳوٺ طرف روڊ رستا ٺهرايا آهن باقي عوام ۽ تعلقي نوشهروفيروز جي اڌ حصي کي اڌورو ڇڏيو ويو آهي. پڊعيدن لاءِ وڏو مسئلو ڊگري بوائز ۽ گرلس ڪاليج جو به آهي بوائز ڪاليج ۾ اڃا تائين سهولتون اڻ پوريون آهن پڊعيدن هاءِ اسڪول جو مستقبل داءُ تي لڳل آهي. ايتري قدر جو پٽيوالن ۽ چوڪيدارن وارو ڪم به شاگردن کان ورتو وڃي ٿو ۽ هتي گرلس ڊگري ڪاليج جي بلڊنگ سان جيڪو ناحق ٿيو آهي اهو ڪنهن کان به ڳجهو ڪو نه آهي!!!. ڪاليج جي هلندڙ ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي ۽ هلندڙ ڪم ۾ نالي ماتر سيمينٽ ۽ بجري لڳائي ڪاليج جو ڪم ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته پڊعيدن ڪاليج ۾ 14 ڪروڙن جي بجيٽ کان پوءِ سنڌ حڪومت طرفان 9 ڪروڙ ٻيا منظور ڪيا ويا آهن جن جو به حشر نشر ڪرڻ لاءِ ٺيڪيدار ۽ انتظاميا ملي ڀڳت ڪري کائي ويندا. سو پڊعيدن جا ٻيا مسئلا ته پنهنجي جڳهه تي پر سنڌ حڪومت سميت اعليٰ اختيارين کي گهرجي ته تعليم جي سهولتن لاءِ ڏنل رقم جو نوٽيس وٺي ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ٻارڙن جي مستقبل لاءِ ٺهندڙ عمارتون بهترين بڻجي سگهن.

اي پيپر