شهباز قلندر جو ڌمال قيامت تائين جاري رهندو
February 22, 2017 at 3:53 amعبالمجيد بروهي
امن پسن سنڌ ڌرتي صوفين جي سنڌ ڌرتي صوفي ازم جي پيروڪارن جي سنڌ کي دهشتگردن رت سان ونهجاري اهو سو چيو هوندو ته هو سنڌي قوم کي پنهنجي اهڙي ڪريل غليظ حرڪت سان هيسائي صوفي ازم جي راهه تان هٽائي سگھن ٿا اها سندن ڀل آهي سنڌي قوم هميشا صوفي ازم سان لڳاء رکندي آئي آهي ۽ صوفي ازم سان قيامت تائين نڀاء ڪندي حضرت لعل شهباز قلندر جي مزار تي هر فرقي سان هر مذهب سان تعلق رکندڙ عقيدت مند ايندا رهندا آهن هر مذهب ساب تعلق رکندڙ ماڻهون لعل شهباز جي چاهيندڙن ۾ آهي لعل شهباز قلندر جي مزار تي ايندڙن کي ڪنهن به ڪڏنهن زوري وڃي انهن جي گھرن مان گهلي اچي ناهي وٺي ايندو هر ڪو پنهنجي چاهه ۽ حب سان ان عظيم بزرگ جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ جي لاء ايندو آهي لعل شهباز جي مزار تي ايندڙن کي ڪير به زوري ۽ ڏاڍ ذريعي قلندري ڌمال هڻن جي لاء ناهي چوندو پر سخي شهباز قلندر جا چاهيندڙ از خود قلندري ڌمال ٻڌي چاهت ۾ اچي قلندري ڌمال هڻندا آهن ان عظيم هستي جي مزار تي ڪڏنهن انهن جانورن بيگناهه انسانن جو خون وهائي وهشيت جو مظاهرو ڪيو آهي لعل شهباز قلندر جي مزار ۾ حملو ڪري دشمننن دهشتگرد سنڌ جي دل تي وار ڪيو آهي انهنن پوري سنڌي قوم تي صوفيت تي حملو ڪيو آهي پر آء هتي سنڌ سميت پوري پاڪستان جي عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو جن قلندري انهن وهشين کي شڪست ڏئي انسانيت کي جيئاري ڇڏيو آهي مشهور ڪٿڪ ڊانسر شيماڪرماني کي جس پيش ڪريان ٿو جنهن لعل شهباز جي مزار ۾ اچي ڪري پنهنجي پوري ٽيم سان گڏ قلندري ڌمال تي رقص ڪري دشمنن انسانيت جي قاتلن کي اهو پيغام ڏنائين ته توهان پنهنجي جبر وهشيپن ۽ ڪريل ڪارواين جي ڪري اسان قلندر جي چاهيندڙن کي ڊيڄاري نٿا سگھو اسان پنهنجي مرشد جي ڌمال کي ڪڏنهن به رڪجڻ نه ڏينداسين هتي انهن سڀني لعل جي چاهيندڙن سميت پوري سنڌ جي صوفي ازم جي چاهيندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن لعل شهباز جي مزار تي ٿيندڙ دهشتگردي واري حملي جي ٻئين ڏينهن تي مزار تي پهچي قلندر شهباز جي مزار تي حاضري ڀري قلندري ڌمال ۾ حصو ورتو هيو سنڌ جي رهواسين اڄ دهشتگردن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي اڄ صوفي ازم جي جيت ٿي آهي لعل شهباز جي مزار هڪ دفعو ٻيهر سوين عقيدت مند پهچي پنهنجي مرشد جي مزار تي حاضري ڀري دهشتگردن کي شڪست ڏئي پرامن قوم بڻجي صرف قلندري ڌمال هڻي انهن دهشتگردن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته اسين پنهنجي مرشد جي ڌما کي ڪڏنهن به بند ٿيڻ نه ڏينداسين اسان پرامن قوم آهيون پرامن طريقي سان لعل شهباز جي مزار تي حاضري ڀري اتي ڌمال هڻي توهان کي شڪست ڏئي چڪا آهيو توهان انسانيت جا دشمن آهيو ۽ اسان قلندر جا پانڌيئرا انسانيت جا غلام ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ آهيون توهان خونخوار جانور آهيو اسان صوفي ازم جا پيروڪار آهيون توهان پنهجو ظلم جاري رکو اسان پنهنجي صوفين جي نقش قدم تي هلي ڪري انسانيت جي خدمت ڪندا رهنداسين
لعل شهباز قلندر جي مزار تي ان وقت حملو ڪيو ويو جڏنهن اتي موجود هزارين پانڌيئڙا بي خوف پنهنجي مرشد جي مزار آڏو چاهه ۽ محبت جي عالم ۾ قلندري ڌمال هڻي رهيا هئا ان وقت انهن جانور نما انسانن خودڪش حملو ڪيو ۽ قلندري ڌمال کي هميشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن کي سنڌ جي امن پسند صوفي ازم جي پيروڪارن شڪست ڏئي لعل شهباز جي جي قلندري ڌمال کي جاري رکي انهن وهشي صفت درندن کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي هن ماهه پهرين سومر تي هڪ دفعو ٻيهر هزارين قلندر جا پانڌيئڙا صوفي ازم سان چاهه رکندڙ لعل شهباز قلندر تي کڏ ٿي قلندري ڌمال هڻي دهشتگرن کي اهو پيغام ڏيندا ته قلندري ڌمال کي هو قيامت تائين بند ٿيڻ نه ڏيندا اڄ سنڌي قوم جي کي اڃا وڌيڪ متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو پنهنجا سمورا سياسي اختلاف هڪ پاسي رکي هن موقعي تي دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ جي لاء اسان جي وچ ۾ موجود انهن جي سهولتڪارن کي ڳولي انهن کي عوام آڏو وائکو ڪرڻو پوندو ڇو ته اهي دهشتگرد آهن ۽ انهن جو ڪوبه مذهب ذات پات ۽ انسانيت سان ڪوبه واسطو ناهي هوندو انهن اندر جي دشمنن جي بنا خوف جي نشاندهي ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي جيڪڏنهن اسان اندروني دشمنن کي نه پڪڙي سگھيا سين ته پوء هو هر روز اسان کي ائين ئي مارائيندا رهندا
****
Brohimajeed123@gmail.com