ڇا سڄي سنڌ سهولتڪار آهي؟

February 22, 2017 at 3:51 am

عاجز جمالي
قلندر لعل شهباز جي نگريءَ ۾ ماڻهپي جون چٿڙيون اڏائيندڙ بارود جي باهه کانپوءِ ٽئين ڏينهن شهيدن جي ٽيجهي تي قلندر جي آڳنڌ تي دهشت ۽ وحشت کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ماڻهن گڏجي نغارن تي ڌمال هنئي. هي شعور ۽ ساڃاهه جي ڌمال هئي. هي رڳو مزار تي حاضري نه هئي پر تنگ نظر، انتهاپرست دهشتگردن جي وحشي چهرن تي ٿُڪ اڇلائڻ لاءِ سنڌ جو شعور جوڳيءَ رتا ڪپڙا پائي ڌمال ڪري رهيو هو. مڃون ٿا ته هڪ سئو کان مٿي ماڻهن جي خونن جو ازالو ڌمال ۾ ناهي. مڃون ٿا ته زخمين جو علاج به ڌمال ۾ ناهي. اهو به مڃون ٿا ته قلندر  جي نگريءَ ۾ ٿيل ڌماڪي جو مطلب صرف ڌمال کي روڪڻ نه هو، پر سنڌ جي صوفياڻي سرزمين جي دل تي بم ڦاڙي دهشتگردن اهو پيغام ڏنو ته سنڌ سڄي سوڳ ۽ خوف ۾ ٻڏي ويندي. سنڌ جا ماڻهو ڊڄي ويندا پر هزارين ماڻهن ٽيجهي تي گڏ ٿي نينهن جي نغارن تي ڌمال هڻڻ شروع ڪئي ته ڏک ۽ خوف زوردار جواب ۾ بدلجي ويو. عام طور تي اسين مزارن تي ٿيندڙ ڌمالن ۽ ان قسم جي سرگرمين جا مخالف هوندا آهيون. ڪجهه دوستن سوشل ميڊيا تي اها تنقيد به ڪئي آهي ته ”سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن هاڻي مزارن ۽ جهالت جي حمايت ڪرڻ شروع ڪئي آهي.“ پر  اهو سچ ناهي. سنڌ ۾ مزارون ڪيترن ئي قسمن جون آهن. مزارون صوفين  جي پوئلڳن ٺاهيون، اهو درست آهي ته مزارون گادي نشينن لاءِ ڪمائي جو ذريعو هونديون. اهو به ٺيڪ آهي ته سنڌ جي مزارن تي پانڌيئڙن لاءِ گهربل سهولتون نه هونديون پر سنڌ ۾ صوفين جون مزارون ماڻهن لاءِ اُتساهه جو رستو به آهن ته بنيادپرستيءَ خلاف امن ۽ آشتيءَ جو پيغام پکيڙڻ جو ذريعو به آهن. سنڌ  جي سڄاڻ ماڻهن مزارن جي رڳو هڪ پهلوءَ تي سوچيو آهي. مزارن جي ٻين پهلوئن تي ڀلا ڪير سوچيندو؟ سڄاڻ ماڻهو نه سوچيندا ته پوءِ  درگاهون گادي نشينن، مزاورن ۽ پانڌيئڙن حوالي ئي هونديون. ڀلا مزارن ڏانهن ماڻهن جي ايڏي پهچ ۽انبوهه نه هجن ها ته دهشتگردن مزارن کي ئي نشانو ڇو بڻائين ها. هاڻي ته اهڙا اشارا مليا آهن ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن جا ”داعش“ تائين رابطا آهن يا انهن لاءِ ڪم ڪن ٿا، اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته ”داعش“ جهڙي دهشتگرد تنظيم سڄي دنيا ۾ مزارن سان گڏ تاريخي ماڳن کي بمبار ۽ بارود سان تباهه ڪر ڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. داعش هُجي، طالبان هجن يا ڪهڙا به دهشتگرد گروپ هُجن سڀ جو سڀ ماڻهپي جا ويري آهن. مون کي حيرت آهي ته ميڊيا  ۾ سرڪار تي تنقيد ڪندڙ هنن دهشتگردن جو نالو نه ٿا کڻن. پر قلندر جي مزار تي ڌمال انهن دهشتگردن جي منهن تي موچڙو هنيو آهي. سرڪار خراب هوندي، سهولتن جي اڻاٺ به آهي، نااهلي به هوندي پر دهشتگردن جو نالو ئي نه کڻجي رڳو سرڪار خلاف هاءِ  گهوڙا ڪجي، ماتم ڪجي، واويلا ڪجي ۽ عوام دشمن دهشتگردن لاءِ هڪ اکر به نه ڳالهائي ته اها ڀلا ڪهڙي سنڌ دوستي ٿي. ان کي ڪهڙي سڄڻپائي چئجي، سمجهه ۾ نٿو اچي. قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل وحشانيت کي علامت بڻائي سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن کي وحشي درندن خلاف بغاوت جو علم کڻڻ گهرجي. رڳو احتجاج، رڳو سوڳ، رڳو ماتم ۽ نوحا خواني، هن سڄي صورتحال جو حل ناهي. ٻه قدم اڳتي وڌي سنڌ  جي سڄاڻ طبقي کي وحشانيت جو سڌي ريت مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ سنڌ جي سونهن کي اجاڙيندڙ، نينهن کي نهوڙيندڙ سنڌ جي عشق ۽ عاشق جي ڌمال ۾ رخنو وجهي معصوم ماڻهن کي بارود سان رت ۾ وهنجاريندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ ”رقص قلندري“ جو جاري رکڻ ضروري آهي.
صوفين حق ۽ سچ جي پيغام کي هميشه موسيقي ۽ رقص ذريعي پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان کي روڪڻ لاءِ مُلان وٽ هميشه فتوا جو رستو هو. وقت جو حاڪم، ملان ۽ قاضي هر دور ۾ هڪ رهيا. اهو دور يزيديت جو هجي، ابن قاسم جو هُجي، ارغونن جو هجي، ترخانن جو هجي، افغانين جو هُجي، مغلن جو هجي، سنڌ جي ماڻهن مزاحمت جاري رکي. ان مزاحمت جا ڪيترائي روپ هئا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت شهيد ان جا وڏا مثال آهن. هنن سمورن صوفي شاعرن جو محور ته بغاوت ئي آهي. ڀلا شاهه لطيف جڏهن سسئي کي پنهل پويان پنڌ ڪرڻ جي صلاح ڏيئي ٿو ته مُلان کي ان ۾ ڪفر ئي نظر اچي ٿو يا هو شادي شده عورت سهڻيءَ کي جڏهن گهڙي تي چڙهي ميهار سان ملڻ جي صلاح ڏيئي ٿو ته مُلان ان کي مذهب جي ساهميءَ ۾ توري ٿو، پر شاهه سائين ته سهڻيءَ کي وفا، سچ، سونهن ۽ عشق جي علامت سڏي ٿو. صوفي شاهه عنايت جڏهن چوي ٿو ته ”جيڪو کيڙي سو کائي“ تڏهن به ملان سندس مخالف ٿئي ٿو. حاڪم کيس مارڻ چاهي ٿو.
هي ٻئي بغاوتن جا الڳ الڳ انداز آهن، پر تڏهوڪي سماج ۾ ٻئي بغاوت جو درس ڏين ٿا. هاڻي جڏهن دهشتگرد ڌمال ڪندڙن تي آپگهاتي حملو ڪيو ته انهن کي جواب ڌمال سان ئي ڏيڻ گهرجي. جڏهن دهشتگرد مزارن تي حملو ڪن ٿا ته مزارن تي پهچي سنڌي ماڻهن کي دهشتگردن خلاف ايڪتا جو رنگ ڏيکارڻ گهرجي.
قلندر لعل شهباز تي بم ڌماڪي کانپوءِ منظرنامو هن ريت آهي جو سڄي سنڌ مان گرفتاريون ٿي رهيون آهن. سنڌ جي مختلف شهرن مان سوين ماڻهن کي ڳجهن ادارن ۽ پوليس گرفتار ڪيو آهي ۽ گرفتارين جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. سوال اهو آهي ته افغانستان مان ايندڙ دهشتگردن لاءِ سوين سنڌي نوجوانن ته سهولت ڪاري نه ڪئي هوندي. ممڪن آهي ته هڪ اڌ سهولت ڪار هُجي، جن جو انتهاپرست دهشتگردن سان واسطو هجي، جهڙي ريت شڪارپور جي ”بروهي“ جو نالو ورتو پيو وڃي. هاڻي ڳجها پهلوان سنڌ ۾ اهو تاثر بهرحال ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن ته سنڌ ۾ آپگهاتي حملا ڪندڙن جا حامي سهولت ڪار موجود آهن. سنڌ ۾ هٿياربند ڪارروايون ڏسي اهو خوف اڳي ئي هو ته اڳتي هلي صوفين جي سرزمين تي اهو ئي الزام لڳڻو هو، سنڌ ۾ ٽيهن سالن کان رهندڙ افغانين جي موجودگيءَ جا اهي ئي نتيجا نڪرڻا هئا جو سنڌ پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهي آهي. سنڌ ۾ هزارين مدرسن جي موجودگي ۽ ڏور ڏور علائقن مان ايندڙ مولوين جي يلغار جو اهو ئي مظهر آهي جو اڄ سنڌي نوجوان دهشتگردن جا سهولت ڪار ڄاڻي گرفتار ٿين پيا ۽ اها سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته سياسي طور انهن مدرسن جي مالڪي گهڻي آهي، جيڪي هڪ مخصوص مڪتبه فڪر جا آهن، جيڪي  مزارن، اوليائن، صوفين، درويشن ۽ صوفي ازم جي پرچارن جي خلاف آهن. هڪ طرف طالباني دهشتگرد آهن ته ٻئي طرف ڳجهن پهلوانن جي پلاننگ آهي، جيڪي ٻئي هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، سندن گهرو تعلق آهي. ان ڪري اسان جي اک پٽڻ جو زمانو اچي ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي اصلي سڃاڻپ کي ميسارڻ وارين قوتن خلاف هڪ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، ڇو ته اصل سهولت ڪاريءَ جو ڪم واڳ ڌڻي ڪري رهيا آهن.
****

اي پيپر