سنڌي ٻوليءَ جي سلامتي ۽ بقا جو سوال!
February 22, 2017 at 3:50 amٻولي انسان جي دل يا اندر جي اظهار جو ٻيو نالو آهي، جنهن وسيلي هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪٻئي سان واسطو رکن ٿا، هڪٻئي کي سمجهن ٿا ۽ ٻوليءَ کانسواءِ انساني سماج جو تصور به ناممڪن آهي، پر بدقسمتيءَ سان ملڪ جي واڳ ڌڻين تاريخ جي ان تلخ سچائيءَ مان ڪوبه سبق نه سکيو. اڄ به اسان جي ملڪ ۾ اصلوڪين ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي، پيپلز پارٽيءَ جي گذريل حڪومت ۾ جڏهن مکيه ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ وارو بل پيش ڪيو ويو ته وري به ان کي ملڪ جي ايڪي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو. ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڪيئي ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ قومي ٻوليون آهن، اتي ته انهن ملڪن جي سالميت کي ڪوبه خطرو ناهي! هِن وقت ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌي سڀني کان اڳڀري ٻولي آهي، پر سنڌي ٻولي کي جائز حيثيت ڏيارڻ لاءِ ايوانن ۾ موجود چونڊيل نمائندن مان ڪنهن به سنڌي ٻولي جو حق ادا ناهي ڪيو. حالت اها آهي جو حڪومت خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪرڻ تي مجبور نظر ايندي آهي، جڏهن ته سرڪار پاران به اها ڳالهه تسليم ٿي چڪي آهي ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي. هن وقت سنڌ ۾ هزارين خانگي اسڪول آهن، جتي صرف انگريزي ۽ اردو کي ترجيح ڏيڻ ڪري لکين ٻار سنڌي سِکڻ کان محروم آهن. هيٺئين ۽ وچولي طبقي جا شهري به هاڻي ٻارن کي خانگي اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا، جتي سنڌي نٿي پڙهائي وڃي، جيڪڏهن لکين ٻار پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ کان سواءِ وڏا ٿيندا ته اهي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي کان به لاتعلق بڻجي ويندا.
تاريخ جي نظر ۾ سنڌي ٻولي جي جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته قرآن شريف جي ترجمي واري دور کان وٺي سنڌ جي قومي ٻولي سنڌي رهي آهي، جنهن خلاف وقت بوقت سازشون به ٿيون آهن، پر سنڌي زبان پوءِ به پنهنجي شاهوڪاري جون منزلون طئه ڪندي آئي آهي. پيپلزپارٽي جي منشور ۾ لکيل آهي ته اِها پنهنجي حڪومت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريندي، پر افسوس ته اڄ به پيپلزپارٽي اقتدار ۾ هوندي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي وڏن شهرن ۾ هڪ منظم سازش تحت سنڌي ٻولي کي گهٽ اهميت ڏني ٿي وڃي، سنڌ جي ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ ڌاريون ٻوليون حاوي ڪيون ويون آهن، پر حڪمران ۽ سنڌ جا اقتدار ڌڻي ان اهم معاملي تي خاموش آهن. انگريزن سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ جي باوجود سنڌي ٻولي سان هٿ چراند نه ڪئي، بلڪه اڃا به سنڌي ٻوليءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ اسان جا حڪمران آهن، جيڪي سنڌي هوندي به صرف ذاتي مفادن خاطر ٻين ڌارين ٻولين کي قبولڻ لاءِ تيار ٿيو ويٺا آهن. سنڌ لاءِ سنڌي ٻولي ماءُ جهڙي حيثيت ۽ اهميت رکي ٿي، جنهن کي ڪڏهن به ان کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، اها ٻي ڳالهه آهي ته موجوده حڪمران انهيءَ حساس معاملي تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ ذاتي مفادن ۽ مفاهمتن کي اوليت ڏين ٿا ۽ انهن جي اهڙي رويي سان سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جا ماڻهو محرومين کي ڀوڳين پيا. اها به اسان جي خوش فهمي آهي ته ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ جيڪي ادارا جوڙيا ويا آهن، بس اهي ئي سڀ ڪم ڪندا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ٻين کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر اهڙي اميد ۽ آسرو رکڻ ائين آهي جيئن ٻٻرن کان ٻير گهرڻ!
ڪوبه باشعور ماڻهو ان کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته ٻولين جي تاريخ قومن، تهذيبن ۽ انسان جي جنم سان جڙيل هوندي آهي، ٻوليءَ جي تاريخ خود انسان جي تاريخ آهي، ڇو ته جڏهن انسان جنم ورتو ۽ ڪائنات جي تخليق ٿي، ان ڏينهن کان ئي ٻولي وجود ۾ آئي، اها هڪ فطري حقيقت آهي ته ٻولي انسان جي ازلي ماءُ آهي، جنهن پنهنجي تهذيب تمدن کي سمجهڻ ۽ قومن کي جيئڻ جو گس ڏنو. ايئن ئي ٻولي به سنڌ جو هڪ قديمي ورثو آهي. ٻولي انسان جي سوچن، خيالن، نظرين، خواهشن، جذبن ۽ احساسن جي تاريخ ۽ تهذيبي ڪارڪردگيءَ جو آئينو هوندي آهي. تاريخ جو مطالعو ڪرڻ سان چڱي ريت ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي ٻولي هجي يا سنڌوءَ جو پاڻي، سنڌ جا وسيلا هجن يا سنڌ جا ماڻهو، صدين کان سنڌ سان جيڪي ويساهه گهاتيون ۽ ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، شايد دنيا جي ٻئي ڪنهن خطي سان ايترا ڪِيس ناهن ڪيا ويا، ڇوته اسان جي تاريخ ۽ ٻوليءَ ۾ بگاڙ پيدا ڪري ان کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي ۽ اهي سازشون اڳ به ناڪام ٿينديون رهيون ۽ هاڻي به ناڪام وينديون.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ جي شاندار تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت تي ان وقت تائين بهتر ڪم ٿي نٿو سگهي، جيستائين علمي ۽ قلمي دنيا سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي ذميواري محسوس نه ڪندا، اسان کي اڄ ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ خاطر سڀئي اختلاف هڪ پاسي رکي ڀرپور جدوجهد ڪريون، هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي سطح تي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ تحفظ لاءِ اڳتي اچي، ڇوته ان سان ئي سنڌ جي ۽ اسان جي بقا جُڙيل آهن.