ڄامشورو(ڊ ر) سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران شاگرد يونين جي بحالي، يونيورسٽي مان ٺيڪيداري نظام جي خاتمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ هاسٽل گيٽ کان زيرو پوائنٽ تائين ريلي، ڌرڻو، نعريبازي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار الرٽ، شائستا ميمڻ ۽ نائلا رند کي ڀيٽا پيش. تفصيل مطابق سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران شاگرد يونين جي بحالي، سنڌ يونيورسٽي مان ٺيڪيداري نظام جي خاتمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ اسد لغاري، عمران چانڊيو، محمد علي نوهر، رضوان چانڊيو، سجاد ڪنگراڻي، ايس ڪي ڳاهو، اسد چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هاسٽل گيٽ کان زيرو پوائنٽ تائين ريلي ڪڍي وئي، جتي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين سخت نعريبازي ڪندي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي انتظاميا پاران خانگي پوائنٽ بسن جو ٺيڪو اڃا تائين رد نه ڪيو ويو آهي، ساڳيون ٽٽل ڀڳل پوائنٽ بسون ساڳئي ٺيڪيدار جون هلايون پيون وڃن، جيڪي يڪدم بند ڪري شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته فزڪس شعبي جي شاگردياڻي شائستا ميمڻ جي ڪيس کي نائلا رند جي واقعي وانگر ختم ڪيو ويو آهي، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران رڳو ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پر انهن تي عملي ڪم نه پيو ٿئي ۽ شاگردن پاران مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته اسان سان انصاف ڪري مسئلا حل ڪري پرامن تدريسي عمل کي بحال رکيو وڃي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين نائلا رند ۽ شائستا ميمڻ جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري کين لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. شاگردن جي احتجاج دوران پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا الرٽ بيٺل هئا.