جيڪب آباد (ڊر)گذريل رات لعل شهباز قلندر جي مزار تي خد ڪش حملي ۾70 زائرين شهيد ٿيڻ تي اڄ جيڪب آباد ۾ به فقه جعفريا جو ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو،خبر موجب،گذيل رات لعل شهباز قلندر جي مزار تي خد ڪش حملي ۾70 زائرين جون بيگناه جانيون شهيد ٿيڻ تي اڄ جيڪب آباد ۾ به فقه جعفريه جي جمع نماز کان پوءِ امام بارگاه کان هڪ وڏي ريلي فقه جعفريه جي ضلعي صدر بنده علي جعفري ،سيد احسان شاهه، جي اڳواڻي ۾ ڪڍي، ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو جتي مٿين اڳواڻن فقه جعفريه جي مومنن کي خطاب ڪندي چيو ته پوري ملڪ ۾ دهشتگردي جا حملا ٿي گذريا آهن، اسان لعل قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا ، دهشتگردي جي لهر ۾ اسان جي سنڌ کي وڏو نقصان پهتو آهي ،گذريل محرم ۾ اسان جي شهر جيڪب آباد، ۽ شڪار پور، ۾ به هڪ وڏو سانحو ٿيو جنهن ۾ اسان جي معصوم ٻارڙن سان گڏ وڏي تعداد ۾ مومنن جون جانيون شهيد ٿيون هيون اسان حالات جنگ ۾ گذاري رهيا آهيون ،سوهاڻ اسان جون مقدس درگاهون به سيڪيور نه آهن اسان مطالبو ٿا ڪيون، وزير اعّظم نواز شريف ۽ سي ايم سنڌ کان اسان جي مقدس گاهن تي سيڪورٽي وڌائي شهر ۾ رينجرس ۽ پوليس جو گشت جاري رکيو وڃي ته جئين اسان جا مومن ۽ ڪنهن وڏي سانحه کان بچي سگهن، آرمي ۽ رينجرس پوري سنڌ جيان جيڪب آباد ۾ هڪ گڏيل آپريشن ڪرايو وڃي ، انهن دهشتگردن جا سهولت ڪار جلد گرفتا ڪيا وڃن،