لاهور (م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ٽرينن جي بوگين کي به جديد سهولتن موجب سينگاريو پيو وڃي، اي ٽڪٽنگ موبائيل ايپ سان شهرين کي جديد سهولت ملندي، بوگين جي درين جي سائي کي به وڏو ڪيو ويندو، ريلوي موبائيل ايپ بابت پريس ڪانفرنس ڪندي خواجا سعد رفيق جو چوڻ هو ته موبائيل ايپ سان ريل جي ٽيڪٽ حاصل ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي، شهري گھر ويٺي موبائيل فون وسيلي ريزرويشن ڪرائي سگھندا، پاڪسستان ريلوي کي دنيا جي بهترين ريلوي بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ريلوي کي پورو وقت ڏئي رهيا آهيون، سياست جي وقت سياست ۽ ڪم جي وقت ڪم ڪندا آهيون، ريلوي ۾ سفارشي ڪلچر جو مڪمل خاطمو آندو آهي.36