آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا قلم 144 تي سختي سان عمل ڪرائڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون
February 21, 2017 at 12:33 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي؛ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته قلم ۱۴۴ تحت لڳل پابندي تي سختي سان عمل يقيني بڻايو وڃي. آءِ جي سنڌ پوليس کي قلم ۱۴۴ تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽرانسپورٽ ۽ واپاري مرڪز جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، شرپسندن ۽ امن دشمنن خلاف بنا فرق جي ڪارروايون ڪيون وڃن. اي ڊي خواجا هدايت ڪئي ته ايس ايس پيزعوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن جي نگراني پاڻ ڪن ۽ ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سادن ڪپڙن ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن کي ٽاسڪ ڏنو وڃي ۽ ٽريننگ ورتل پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي به پيٽرولنگ ۽ اسنيپ چيڪنگ جو حصو بڻايو وڃي.