ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسو، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ ، الطاف مهر، غلام رسول مارفاڻي، احمد سومرو، وزيربهلڪاڻي ۽ ٻين چيو ته قلندر شهباز سانحي بعد مذهبي دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران سنڌ سرڪار مذهبي دهشتگردي خلاف جاکوڙيندڙ قومي ڪارڪنن خلاف اڻ اعلانيل رڻ ٻاري ڏنوآهي، پوليس گذريل چئن ڏينهن کان وٺي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جاکوڙيندڙ قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي بزرگن سميت ٻارڙن کي گرفتار ڪري رهي آهي، ايس اين پي اڳواڻ نورخان مگسي سميت سنڌ جي سينيئر قومپرست اڳواڻ استاد محمد راهمون جي معذور پٽ سوڍڙ راهمون جسم ، جسقم جي اشرف لغاري،امتياز ميراڻي،ناز نوتڪاڻي، چيتن بجير،سرتاج نوحاڻي سميت سوين قومي ڪارڪنن توڙي بزرگن ٻارڙن کي بناجواز گرفتارڪيوويوآهي جيڪو عمل مذمت آهي، هنن چيو ته اسان هميشه دهشتگردي، تنگ نظرئي جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي، سنڌ جي تاريخ گواھ آهي ته سنڌ جا قومي ڪارڪن هر وقت فرقيوايت ، مذهبي دهشتگردي توڙي لسانيت جي خلاف روڊن رستن تي احتجاج ڪري اها گهر ڪندا رهيا آهن ته سنڌ کي مذهبي، لساني دهشتگردي کان پاڪ ڪيووڃي، پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته قلندر شهباز سانحي بعد هتي هٿ ٺوڪين هٿ ڪنڊن سان اسان صوفي مزاج سنڌين خلاف ڪاروائي ڪري اهو محسوس ڪرايو پيو وڃي ته سنڌي دهشتگرد آهن،پر اسان وقت جي حڪمرانن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته سنڌ توڙي پاڪستان جي تاريخ گواھ ته سنڌي ڪٿي به دهشتگرد ڪارواين ۾ ملوث ناهن رهيا ، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي مذهبي توڙي لساني دهشتگردي کان پاڪ بنائڻ لاءِ ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ وقت جي اشد ضرورت آهي،پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ هنن سنڌ جي راجڌاني واري شهر ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳوڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪندي چيو ته مذهبي انتها پسندي، دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف ڪراچي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ريلي کي روڪڻ لاءِ قلم 144 لاڳوڪيوويوآهي، جيڪو عمل انتهائي مذمت لائق آهي، ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳوڪرڻ جمهوريت جي دعويدار حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي،.